جنرل(ر) باجوه عمران خان جي سينيٽ ۽ عام چونڊن دوران مدد ڪئي هئي: صدر عارف علوي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي انڪشاف ڪيو آهي ته(ر) جنرل باجوه ۽ سندس ٽيم سينيٽ ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ عمران خان جي مدد ڪئي هئي. پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته مون آڊيوز ۽ وڊيوز جي راند جي حوالي سان نئين آرمي چيف سان ڳالهيون ڪيون آهن. مون کي حيرت آهي ته اهو سلسلو ڇو جاري آهي، ڪنهن به اخلاقي لحاظ سان اهو سلسلو جاري نه رهڻ گهرجي. صدر چيو ته مون آرمي چيف سان هٿياربند فوجين جي غير جانبداري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن فوج سياست ڇڏي ڏني آهي ته هاڻ وقت اچي چڪو آهي ته سياستدان معاملن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺن. هن چيو ته اوهان سياستدان اهڙيون حالتون پيدا ڪريو جو اوهان کي فوج طرف نه وڃڻو پوي. عارف علوي چيو ته باجوه عمران خان جي سينيٽ ۽ عام چونڊن ۾ مدد ڪئي، نئين شروعات لاءِ ماضي کي وساري ڇڏيو ۽ سمورن کي معاف ڪريو. اصل ۾ پريشان ته عمران خان کي ٿيڻ گهرجي، چونڊون اپريل يا مئي ۾ ڪرايون وڃن. ھن وڌيڪ چيو ته نيب جي معاملن ۾ تمام گهڻي مداخلت ڪئي وئي. ملڪ ۾ ڪنهن کي به صرف الزام جي بنياد تي جيل ۾ وجهڻ نهايت ئي آسان آهي، ادارن ۽ عدليه پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪيو. پاڪستاني قوم 30 سالن دوران گڏ رهڻ سکي ورتو آهي. ڀارت کي بلاول طرفان سٺو جواب ڏنو ويو. صدر چيو ته ملڪ هن وقت ڏکئي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسان کي گهرجي ته هڪ نئين شروعات لاءِ ماضي کي وساري ڇڏيون ۽ ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيون، اسان کي هڪ اهڙو ملڪ گهرجي جنهن جا اسان مستحق آهيون. هن ڏک جو اطهار ڪندي چيو ته ادارن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ايستائين جو عدليه به ڪردار ادا نه ڪري سگهي. اڄڪلهه ملڪ ۾ هڪ ٽرينڊ هلي رهيو آهي جيڪڏهن ڪنهن شخص کي حدف بنائڻو هوندو آهي ته ان مٿان ڪوبه الزام لڳائي کيس جيل ۾ وڌو ويندو آهي. صدر ريڪوڊڪ ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته عدالتن آمرن کي آئين ۾ تبديلي جي اجازت ڏيڻ لاءِ فيصلا ٻڌايا. هن ريڪوڊڪ جو حوالو ڏنو جنهن سبب پاڪستان کي 7 ارب ڊالرز جو ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو. عمران خان ۽ جنرل باجوه جا لاڳاپا ڪڏهن خراب ٿيا ان سوال جو جواب ڳولي رهيو آهيان.

ڊسمبر 27, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو