سپريم ڪورٽ جو حڪم، ملڪي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سٺو سنئوڻ
اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو ته عام چونڊن لاءِ بيورو ڪريسي کي ڀرتي ڪيو وڃي. خبرون هيون ته لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي چونڊن لاءِ بيوروڪريسي جي خدمتن کي ڀرتي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو.
اهڙي مامري جو نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ ريٽرننگ آفيسرن ۽ ضلعي ريٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کي اڄ ئي چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججن جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي عمل ڪري.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڪيس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪئي وئي. اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان وقت اچڻ ۾ دير هئي؟ هن چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ اڄ درخواست گهري هئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته فلائيٽ تي ڇڏي وڃان ها ته ڇا ٿئي ها؟ خير، اهو آئيني فرض آهي پورو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان بيورو ڪريسي کان آروز ڊي آر اوز وٺڻ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سبب چونڊ عمل رڪجي ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته مان اڄ جي بينچ بابت واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هاڻي بينچون ٺهي رهيون آهن، مان چاهيان ٿو ته بينچ ۾ سڀ کان سينيئر جج شامل ٿين ۽ مان سڀ کان سينيئر ججن جا نالا بينچ لاءِ تجويز ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن مصروفيت سبب نه اچي سگهيو، پوءِ اسان جسٽس منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. وڪيل اليڪشن ڪميشن موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي ريٽرننگ آفيسرن جي پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي لسٽ حڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218-3 تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 218-3 ۾ ڪجهه آهي ته چونڊون شفاف نه ٿيون ٿين؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي مقرري لاءِ چيف جسٽس سان مشاورت ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن فيبروري ۾ عدالتي آفيسرن جي مقرري لاءِ عدليه کي خط لکيو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جواب ناهي ڏنو، پشاور هاءِ ڪورٽ جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي حوالي ڪرڻ جو حڪم. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواستگذار هاءِ ڪورٽ جي خط کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ چاهي ٿو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته انتظامي آفيسرن جي آر او جي مقرري کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اها شق ڪنهن به وقت چئلينج ٿي سگهي ٿي، هاڻي ائين ڇو ڪيو ويو؟ ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ به سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي آر اوز جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي؟ مجموعي طور تي ڪيترا آفيسر ۽ ڊي آر او مقرر ٿيا؟ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن اليڪشن نه ڪرائي ۽ عدالتي آفيسر اليڪشن نه ڪرائي ته اليڪشن ڪير ڪرائيندو؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين ترجيح ريٽرننگ آفيسرن کي عدليه کان گهرائڻ آهي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جي وڪيل ڇا چاهيو؟ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ئي عدالت خلاف رٽ ڪيئن جاري ڪري سگهي ٿي؟ سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ئي چونڊن جو فيصلو ڪيو هو، عمير نيازي جي درخواست تي سڄي ملڪ ۾ چونڊون روڪيو ويو؟ عمير نيازي جي درخواست سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته درخواست جمهوريت کي ڊاهڻ جي ڪوشش ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، ڇا اسان کي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي؟ درخواست گذار بئريسٽر عمير خان نيازي ڪير آهي؟ سوجيل سواتي چيو ته درخواست ڏيندڙ بئريسٽر عمير خان نيازي جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواستگذار پارٽي طرفان اجازت نامي جو سرٽيفڪيٽ ڏنو؟ قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته ان جو مطلب آهي ته درخواستگذار عمير نيازي چونڊون نه ٿو چاهي ته پوءِ توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون؟ هي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جا آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنرز چونڊون نه ڪرايون ته ڪير ڪرائيندو؟ جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين کان ريٽرننگ آفيسرن کي ورتو آهي؟ سڄي ملڪ ۾ ڪيترا ڊي آر اوز ۽ آر اوز هئا؟ وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته ڊي آر اوز 148 ۽ ريٽرننگ آفيسر 859 آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عدليه جا آفيسر چونڊون نه ڪرائين، اليڪشن ڪميشن ۽ ايگزيڪيوٽو به نه ڪرائي ته پوءِ ڪير ڪندو؟ ان نقطه نگاهه کان مقصد چونڊون ملتوي ڪرائڻ آهي، چونڊون ڪرائڻ ڪنهن جي آئيني ذميواري آهي؟ جج صاحب کي ٻڌايو ته اليڪشن پاڻ ڪرائي، عدليه ڪيئن حڪم جاري ڪري رهي آهي، جن ججن هي حڪم ڏنو اهي بدانتظامي جا ڏوهي آهن؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا عمير نيازي اليڪشن ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ کان اڳ درخواست ڏني هئي؟ وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته پي ٽي آءِ جي درخواستگذار چيو ته چونڊن بابت ايگزيڪيوٽو تي بي اعتمادي ناهي، نگران حڪومت ايندي ئي سمورا آفيسر تبديل ڪيا ويا، عمير نيازي جو چوڻ آهي ته هو پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري آهي. ان تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته سڀاڻي چوندا ته اسان کي عدليه تي اعتبار ناهي، هنن جو ڇا ٿيندو.
ان کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس اعجاز الحسن به شرڪت ڪئي. ان کان علاوه اٽارني جنرل منصور عثمان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر چيف جسٽس جي دعوت تي سپريم ڪورٽ پهتو ۽ ججن کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات کان اڳ ٻن سينيئر ججن سان به ملاقات ڪئي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم بابت سينيئر ججن سان صلاح مشورا ڪيا، مشاورت کانپوءِ اٽارني جنرل ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪمشنر کي طلب ڪيو ويو.. جيڪڏهن 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿيڻيون آهن ته اليڪشن ڪميشن کي اڄ يا سڀاڻي تائين چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻو آهي ۽ چونڊن ۾ 54 ڏينهن جو وقت آهي. اليڪشن شيڊول موجب 17 ڊسمبر تي پهريون ۽ 8 فيبروري 54 هون ڏينهن آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اليڪشن جو شيڊول جاري ڪرڻ جو فيصلو ملڪ جي ۾ جمهوريت ۽ آئين جي تسلسل لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. چونڊ عمل کي معطل نه ٿيڻ گهرجي چونڊون سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ هر حال ۾ ٿيڻ گهرجن.
ڊسمبر 16, 2023