راڻيپور: پوليس ڏوھارين آڏو بيوس بڻيل، روز بروز ڏوھن ۾ اظافو ٿيڻ لڳو
راڻيپور( رپورٽ: سعيداحمدسھتو ) راڻيپور پوليس ڏوھارين آڏو بيوس بڻيل آئي ڏينھن ڏوھن ۾ اظافو موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ڏينھن ڏٺي گڏيجي پل تان محمد شريف سولنگي کان موٽر سائيڪل روڪ رقم ڦر ڪري فرار پوليس خاموش تماشائي بڻيل
رپورٽ موجب گڏيجي قومي شاھراھ نو لکي واھ جي پل وٽ صبح ساڍي ستين وڳي ڏينهن ڏٺي جو اسڪول وقت ٻه موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ڳوٺ ملھيراڻي سولنگي واسي محمد شريف سولنگي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
متاثر محمد شريف سولنگي ٻڌايو ته مان روٽين مطابق شھر اچي رھيو ھئس ته نامعلوم ھٿياربندن اڳ ڏئي منھنجي مٿان ھٿيار سڌا ڪيا ۽ موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ پئسا ڦر ڪري آساني سان ھليا ويا جڏھن ته واقعي جي اين سي پڻ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي ھتي ڪو به ماڻھون محفوظ نه آھي
پوليس پاڻ ڏوھارين سان مليل آھي ۽ راڻيپور ۽ ڀرپاسي جو عوام غير محفوط آھي عوام جي عزت جان و مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جو فرض آھي
۽ ھتي پوليس پاڻ ايندڙ ايس ايڇ او جا پير ڪڍڻ لاء اھڙا عمل ڪرائي انھن کي حد مان ڪڍرائيندي آھي وڌيڪ ھنن جو چوڻ ھو ته ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو واقعو جو نوٽيس وٺي ۽ حد جي آفيسر کان اسان گاڏي جلدي واپس ڪرائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
ڊسمبر 15, 2023