شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جون تياريون هلندڙ آهن: سردار علي ڏنو خان گاڏهي
ڏوڪري (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي جو چوڻ هو ته شهيد محترمہ بينظير ڀٽو جي ورسي جون تياريون هلندڙ آهن، ڏوڪري شهر ۾ جهنڊا، بينرن ۽ پينافليڪس لڳايا ويا آهن
اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري گاڏهي هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 16 ورسي جي موقعي تي ڏوڪري تعلقي سوين گاڏين جي قافلي جي صورت ۾ نڪرندو، ڏوڪري جو عوام ڀرپور شرڪت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جهموريت جي بقا لاءِ جان جو نذرانو ڏئي جمهوريت جو علم بلند ڪيو آهي
۽ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي هئي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي جي ڇڏيل مشين تي هلندي عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي حبيب ﷲ عالماڻي، رياض حسين ڀٽو، نثار احمد جتوئي، غلام قادر گاڏهي ۽ ٻيا موجود هئا.
ڊسمبر 15, 2023