سيوھڻ تعلقي ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ برقرار، انتظاميه اگھور ننڊ ۾ ستل

Spread the love

سيوھڻ تعلقه (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ برقرار سيوھڻ تعلقه انتظاميه اگھور ننڊ ۾ ستل، ڀان سيدآباد ۾ زرعي ڀاڻ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 3300 روپيہ وڪرو ٿيڻ لڳي،

 يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ   منافعي خور واپاري دوڪاندار 5600 روپيه في ٻوري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا، ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري  9000  روپيه اصلي قيمت اھا  في ٻوري بليڪ 14000روپيه م۾  بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا،

 آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا ، تعلقہ انتظاميہ جھڙوڪ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار، جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه سيوهڻ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڀان سيدآباد ٽائون پاران  ڀان سيدآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه سيوھڻ جي صدر علي نواز رند ضلع جنرل سيڪريٽري اصغر سولنگي،

تعلقه جنرل سيڪريٽري اصغر علي شاهاڻي،ڀان سيدآباد ٽائون صدر علي رضا چنه،مريد بروهي،سهيل ٻرڙو ، تاج محمد پنهيار، محمد بخش پنهور ۽آبادگار غلام قادر ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ڀان سيدآباد شھر ۾ منافعي خور اسٽاڪ رکندڙ  واپاري، دڪاندارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڀان سيدآباد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،

جڏھن ته احتجاج ڪندڙن جي ھٿن ۾ بينر لکيل ھئا جڏھن ته ريلي ۾ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن ۽ واپارين منافعي خورن خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي.

ڊسمبر 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو