چورين ۽ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو: رفعت مختيار راجا
گھوٽڪي ڊسٽرڪٽ ( رپورٽ: محمد امین سومرو ) آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا جو ضلعي گهوٽڪي جو دورو، آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي پوليس پاران کيس سلامي ڏني وئي، ، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کٽياڻ، آءِ جي سنڌ کي گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني،
چورين ۽ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،
آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به شرڪت ڪندي، ڏوهارين جو رستو روڪڻ لاءِ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي جديد هٿيارن سان ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن ڪيو ويندو،
آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا تفصيل موجب آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا جو ضلعي گهوٽڪي جو دورو ڪيو، آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي پوليس پاران کيس سلامي ڏني وئي، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کٽياڻ، آءِ جي سنڌ کي گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کٽياڻ، ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان شرڪت ڪئي،
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چيو ته چورين ۽ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين وٽ جيڪو به هٿيار هوندو اهو ڏوهارين خلاف استعمال ڪندا سين، ۽ آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به شرڪت ڪندي،
هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين جو رستو روڪڻ لاءِ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي جديد هٿيارن سان ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن ڪيو ويندو ڏوهارين جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن کي چوان ٿو ته هٿيار ڦٽا ڪري قانون جي گرفت ۾ اچن، پنهنجي ٻارن تي رحم ڪريو، کين قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
ڊسمبر 14, 2023