دادو: ڪيترن ئي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب نھ ملڻ، فرنيچر جي کوٽ جون شڪايتون

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر سيد هدايت علي شاهه سماجي تنظيم آئي آر سي جي سهڪار سان ڳوٺ پير مشائخ ۽ ڳوٺ علي محمد مغيري ۾ هلندڙ چائلڊ فرينڊلي اسپيس سيف شلٽر ۽ سرڪاري اسڪولن جا دورا ڪيا، ان موقعي تي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استادن درسي ڪتاب نه هجڻ، فرنيچر جي کوٽ سميت اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻهوند بابت شڪايتون ڪيون جڏهن ته سماجي تنظيم جي سهڪار سان هلندڙ چائلڊ فرينڊلي اسپيس سيف شلٽر ۾ موجود ڳوٺاڻي عورتن دانهيو ته ٻوڏ بعد مختلف بيمارين ۾ هو مبتلا ٿي ويا آهن سندن جا معصوم سوين ٻارڙا مختلف چمڙي جي بيمارين، ارڙي مليريا، ڪنگهه، بخار ۾ مبتلا آهن صحت کاتي پاران ڪابه ٽيم نه پهتي آهي،

ان موقعي تي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر سيد هدايت علي شاهه جو چوڻ هو ته اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻهوند بابت ۽ ٻارڙن ۾ مختلف بيماريون هجڻ بابت هو اختيارن کي لکندو ۽ اهڙي رپورٽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو کي پڻ ڏيندا،

جڏهن ته ان موقعي تي سماجي تنظيم آئي آر سي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شعيب احمد گوپانگ قائم ڪيل چائلڊ فرينڊلي اسپيس سيف شلٽر بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏ بعد هتان جا ٻارڙا ذهني پريشانين جي ور چڙهي ويا هئا ۽ تعليم کان پڻ محروم بڻجي ويا هئا، سندن ڪوشش هئي ته ڳوٺ جي ٻارڙن کي بهتر ماحول ڏجي ۽ انهن کي ٻارن جي حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ راند روند ۽ اسڪولن ۾ داخلا ڪرائي وڃي ته جئين ٻارڙا بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن، گذريل ڪجهه ئي مهينن ۾ ڳوٺ جي ٻارڙن کي اسڪولن اندر آندو آهي،

هن چيو ته ننڍي عمر جي شادي جي روڪٿام، ٻارڙن تي جنسي، جسماني تشدد بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان موقعي تي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سي آر سي جو ڪوآرڊينيٽر نياز چانڊيو، سماجي اڳواڻ اشفاق احمد لنڊ، آصف رضا پنهور، الطاف عباسي، آصف عباسي، زبير ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ڊسمبر 12, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو