سيوھڻ: ٿرديپ جي نااهلي، ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن کي رليف نه ملي سگهيو
سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي ۾ سماجي تنظيم ٿرديپ جي نااهلي سبب اڪثر ٻوڏ متاثرن کي رليف نه ملي سگهيو ،
ٻوڏ جي تباهين کي تقريبن ٻه سال گذرڻ جي باوجود به ٻوڏ متاثرين اڄ به دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، گهر تعميرات لاءِ آيل رقم ۾ ڪم جي ڊگھي پروسيجر جي ڪري تعلقي سيوھڻ جو عوام سخت پريشان ۽ ٿرديپ آفيس سيوھڻ جا چڪر لڳائي لڳائي ٿڪجي پيو،کوسا محله سيوھڻ جي ناري انجنيئر جان محمد اوٺو جي ناجائزين خلاف ميڊيا اڳيان ڳالهائيندي لڙڪ روڪي نه سگهي، متاثر عورت ٻڌايو ته گذريل 06 مهينن کان ٿرديپ آفيس سيوھڻ جا چڪر لڳائي رهي آهيان،
پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگهيو،متاثر عورت طرفان اعلیٰ اختارین کان گھر ڪئي آھي تہ انجنيئر جان محمد اوٺو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي، ۽ سنڌ گورنمنٽ طرفان جيڪي ٿرديپ اين جي اوز کي سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن لاء جيڪي گھر تعمير ڪرائڻ لاء پيسه ڏنا آھن،
اھي اصل غريب ٻوڏ متاثرين کي نه ملي رھيا آھن ، ٻوڏ سٽيل عوام سخت پريشان نظر اچي رھيو آھي، خدارا ڪجھ انصاف ڪيو غريب ٻوڏ متاثرين کي گھر تعمير ڪرڻ لاء جيڪي اوھان کي گورنمنٽ کان رقم ملي آھي اھا رقم اصل ٻوڏ سٽيل عوام کي ڏني وڃي، ٻوڏ متاثرين کي وڌيڪ پريشان نه ڪيو وڃي.
ڊسمبر 12, 2023