اسلام آباد ۾ گاڏين جي چيڪنگ دوران آپگهاتي ڌماڪو، پوليس اهلڪار شهيد، 3 زخمي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 4 پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته راڄڌاني ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي ۽ چيڪنگ هلي رهي هئي ته ان ئي دوران آءِ ٽين فور ۾ پوليس اهلڪارن هڪ شڪي گاڏي کي تلاشي لاءِ روڪيو ته ڌماڪيدار مادو ڦاتي پيو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪو آپگهاتي هو، ڌماڪي ۾ گاڏي جو ڊرائيور به مارجي ويو جڏهن ته 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، ڌماڪي ۾ ٻه شهري به زخمي ٿيا، سڀني زخمين کي فوري طور تي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج جاري آهي. تنهن بعد پوليس عملدارن تصديق ڪئي ته ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو آهي جنهن جي سڃاڻپ هيڊ ڪانسٽيبل عديل حسين طور ٿي آهي. ڌماڪي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ذريعن موجب گهرو زوارت سيف سٽي ڪيمراز جي مدد سان ڌماڪي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سيف سٽي ڪيمرا جي مدد سان خبر پوندي ته گاڏي ڪٿا آئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ڌماڪي ۾ 18 ڪلومگرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، واقعي واري هنڌان هڪ موبائيل فون به ملي آهي جنهن کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي. اسلام آباد ڌماڪي جي مذمت ڪندي راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي راولپنڊي مان اسلام آباد ۾ داخل ٿي، اسلام آباد پوليس فرض شناسي جو شاندار مظاهرو ڪيو، تلاشي جي عمل دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي اڏائي ڇڏيو. راڻا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ 2 آپگهاتي بمبار هئا، ڌماڪي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته جهڙتي جي عمل دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد به ٿيو. ڊي آءِ جي اسلام آباد سهيل ظفر چٺا جو چوڻ آهي ته ايگل اسڪواڊ جي اهلڪارن شڪي گاڏي کي روڪيو جنهن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت موجود هئا، گاڏي ۾ موجود شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڊي آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن اسلام اباد کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو، ڌماڪي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿيا.

ڊسمبر 24, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو