سکر: سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ 2024ع لاءِ نون عھديدران جي چونڊ جو عمل 16 ڊسمبر 2023ع کان شروع ٿيندو

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) جماعت اصلاح المسلمين سنڌ جي پريس ترجمان ڊاڪٽر سعيد اعواڻ موجب سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ 2024ع لاءِ نون عھديدران جي چونڊ جو عمل 16 ڊسمبر 2023ع کان شروع ٿيندو،

صوبائي صدر قاضي مشھود احمد صوبائي عھديدران ۽ معاونين جا 4 وفود جو اعلان ڪيو آهي هو سنڌ جي  مختلف ضلعن جو دورو ڪندا ۽ چونڊ اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. 2024ع جي نون ضلعي عھديدران جو اعلان ڪندا،

سمورن ضلعن جي چونڊ 7 جنوري 2024ع تائين مڪمل ٿي ويندي، صوبائي جنرل سيڪريٽري مخدوم محمد اعظم سمورن ضلعن کي چونڊ جا سمورا طريقا ۽ هدايتي ليٽر جاري ڪري ڇڏيا آهن،

صوبائي عھديدران  ضلعي عھديدران کي 2024ع جي ترجيحن جي حوالي سان آگاهي ڏيندا.جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي  سرپرست اعليٰ فخر انسانيت خواجه محمد طاهر المعروف سجڻ سائين جي عظيم مشن کي فھلائنڻ جي حوالي سان ھدايتون ڏيندا.

اسلام جي عالمگير پيغام کي عام ڪرڻ.عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جو جذبو دلين ۾ پيدا ڪرڻ، وڻ پوکڻ، صفائي مهم، طبي ڪئمپون، رت جو عطيو ڏيڻ، تعليم ۽ هنر کي فروغ ڏيڻ، فلاحي ڪمن ۾ حصو وٺڻ، سماج جي اصلاح، انسانيت جي احترام جو پيغام عام ڪرڻ، محبتون پکيڙڻ، نفرتن ختم ٿيڻ.، قبائلي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاء شعور پيدا ڪرڻ، سڀني برانچز کي مثالي بڻائڻ.

ڊسمبر 12, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو