ڪنڌ ڪوٽ: ڏوھارين جي پوليس کي ڌمڪي، ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر اغوا
ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو ) ڪنڌ ڪوٽ ڏوھارين جي پوليس کي ڌمڪي بعد انڊس ھاوي تي واردات ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر اغوا ڪري کڻي ويا
پوليس خاموش عوام ۾ خوف پيدا ٿي ويو خبر موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ ڪچي جي ڏوھارين ڀيو گينگ پاران ايس ايس پي مير روحل خان کوسو کي ويڊيو ڀري وائرل ڪرڻ بعد ڪنڌ ڪوٽ انڊس ھاوي تي ڏوھاري ٽولي جي صورت ۾ اچي گاڏين مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني
جنهن ڪري ٽرڪ جي ٽائرن کي فائر لڳڻ ڪري ٽرڪ ڪلٽي ٿي وئي ڏوھارين ٽرڪ جي ڊرائيور ۽ ڪلينر وحيد کوسو ـ خليل کوسو کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا
اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري ڏوھارين جو پيڇو ڪيو پر پوليس جي ڪيل ڪاروائي ڪاميابي نه ٿي ڏوھارين مغوين کي ڪچي ۾ کڻي وڃڻ لاء ڪامياب ٿي ويا ڪجھ وقت جي ٺاپر بعد ٻيھر اغوا جي واقعن تي عوام ۾ خوف و حراس پيدا ٿي ويو .
ڊسمبر 11, 2023