سنڌ جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي: غلام حيدر شيخ
روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) سڄي سنڌ جي رٽائرڊ استادن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن، گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرس ايسوسي ايشن سنڌ ضلعي سکر پاران روهڙي ۾ رٽائرڊ ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، سخت نعريبازي ڪئي وئي
تفصيل موجب گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرس ايسوسي ايشن سنڌ ضلعي سکر جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ استادن روهڙي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجن مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي،
ان موقعي تي تنظيم جي مرڪزي صدر ضمير خان، جنرل سيڪريٽري عبدالرشيد کوسو، سکر جي ضلعي صدر محمد بخش مهر، سکر ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز ملڪ، سکر ضلعي جي نائب صدر گلزار احمد منگي، روهڙي تعلقي جي صدر محمد بخش قريشي، روهڙي تعلقي جي جنرل سيڪريٽري غلام حيدر شيخ ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ موجوده مهانگائي جي حساب سان 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي،
سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن لاءِ گروپ انشورنس ۽ بينيفٽ فنڊ، جيڪو سندن ملازمت دوران سندن پگهارن مان هر مهيني ڪٽيو وڃي ٿو، انجي ادائگي کين سندن حياتيءَ ۾ ئي پگهارون ڏيڻ جو قانون بلوچستان طرز جو بڻايو وڃي
۽ رٽائرڊ ملازمن جي ميڊيڪل الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ برابر واڌ ڪئي وڃي ۽ اسان پينشن جي ممڪن خاتمي کي رد ڪريون ٿا ۽ صرف 10 سالن لاءِ فيملي پينشن ڏيڻ کي به رد ڪريون ٿا.
ڊسمبر 11, 2023