ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي علائقي واسين جي بي چئي ختم ڪئي وڃي: سياسي سماجي اڳواڻ

Spread the love

سوڀوديرو( رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو) سوڀوديرو پريالوءِ لڳ ٻنڊو فيض محمد ناريجو جي ڪچي واري علائقي ۾ درياهه جي کاٻي ڪپ سان موجود ڪيٽي باگڙجي 2 ٻيلي جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان وڏي عرصي کان بااثرن جو قبضو برقرار آهي جڏهن ته نااهل ۽ ڪرپٽ ٻيلي کاتي جي عملدارن سرڪاري ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ واري اعلي عدالتن جي حڪمن کي پڻ هوا ۾ اڍائي ڇڏيو آهي

ان سلسلي ۾ علائقي سياسي سماجي اڳواڻن پاران اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرائي علائقي واسين ۾ پکڙيل بي چئي ختم ڪئي وڃي تفصيل موجب پريالوء جي ڪچي واري علائقي ٻنڊو فيض محمد ناريجو ۾ درياهه جي کاٻي ڪپ تي موجود هزارين ايڪڙن تي مشتمل ڪيٽي باگڙجي 2 ٻيلي جي سرڪاري زمين تي وڏي عرصي کان ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان بااثرن جو قبضو برقرار آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ پاران ٻيلي کاتي جي عملدارن کي سرڪاري زمينن تان مڪمل طور تي قبضا ختم ڪرائڻ جا واضع طور احڪام جاري ڪيا ويا آهن

 پر ان جي باوجود هن محل تائين ٻيلي کاتي عملدارن اعلي عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ بجاءِ عدالتن جي حڪمن کي ھوا ۾ اڍائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ان سلسلي علائقي جي سياسي؛ سماجي اڳواڻن محمد هاتم ناريجو الطاف حسین ناريجو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٻنڊو فيض محمد ناريجو ۾ ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي بااثرن جي قبضي سبب جهنگلي جيوت کي سخت نقصان پهتو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان هن علائقي جا پراڻا ۽ اصل رهاڪو آھيون

 ۽ اسان جو گذر سفر چوپائي مال تي هيو پر ٻيلي کاتي جي ڪرپٽ ۽ غدار عملدارن جنهن ۾  آرايف او احسان ٻرڙو  ڊي ايف او هوش محمد شر  ڪنزرويٽر سليم وستڙو  ۽ راخو نصير لاکو سموري سرڪاري زمين بااثرن ۽ اتان جي وڏيرن جنهن ۾  حسين ناريجو  اعجاز ناريجو  جهڙن بگهڙن جي  قبضي ۾ ڏئي ڇڏي آهي جنھن سبب اسان مالوند ماروئڙا پنهنجا جانور وڪرو ڪري لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون هنن وڌيڪ چيو ته  ٻيلي کاتي جا عملدار بااثر قبضا مافيائن کان هرسال لکين رپيا رشوت طور وصول ڪري رهيا آهن جيڪي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بجاء هو پنهنجي جيب گرم ڪري عياشيون ڪري رهيا آهن

 هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ميڊيا آڏو احتجاج ڪيا آھن پر هن محل تائين ڪنهن به سرڪاري اداري نوٽيس نه ورتو آهي هنن چيو ته ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ بااثرن جا اڪثر سياستدانن سان تعلقات آهي جنھن ڪري انھن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي هنن چيو ته اڄ ڪلهه سنڌ ۾ نگران حڪومت آهي

 جنهن جي ڪا به سياسي مجبوري ناهي ان ڪري اسان سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت سميت اعلي عدالتن کي اپيل ٿا ڪيون ته ٻنڊو فيض محمد ناريجو واري علائقي ۾ موجود ڪيٽي باگڙجي 2 ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تان بااثرن جو قبضو ختم ڪرائي علائقي واسين ۾ پکڙيل بي چئني ختم ڪئي وڃي.

ڊسمبر 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو