ڪراچي: دعا ميريج ڪنسلٽنسی اينڊ ٽريننگ اڪيڊمي جي سي اي او شازيه ظهير پاران ايوارڊ تقريب منعقد

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) دعا ميريج ڪنسلٽنسی اينڊ ٽريننگ اڪيڊمي جي سي اي او محترمه شازيه ظهير ڪراچي جي هڪ خانگي هوٽل ۾ عورتن لاءِ وڏي پيماني تي ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ بيوٽيشن، ​​ڪوڪنگ اسپرٽ ٽيچرز سان گڏ آن لائين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي،

پروگرام ۾ ڪاظم پاشا سينيئر پي ٽي وي پروڊيوسر، راني آپا هربلسٽ، مسٽر اينڊ مسز ڪرماني، سينيئر ميريج ڪنسلٽنٽ صنوبر گل بيوٽي ​​ايڪسپرٽ، ٽاپ 10 پوزيشن هولڊر، مريم فهيم، عيني غلام رسول،ژهرا عاصم، سميرا قاسم، تانيا امان، شميلا فيضان، فاطمه عامر. ثمينه راشد، مهوش خان، ريحانه شڪيل، ذڪيه عمران، افشين شهزاد، ميڊم شازيه ظهير جي مڙس ظهير ۽ سندس ڌيئرن ثانيه سلمان ۽ مريم ظهير خاص طور تي شرڪت ڪئي ۽ پروگرام جي واکاڻ ڪئي.پروگرام ۾ پروڊيوسر پي ٽي وي ڪاظم پاشا شازيه ظهير جي خدمتن کي ساراهيندي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي

 ته هو حڪومتي سطح تي سندس اداري جو ساٿ ڏين، تقريب ۾ مهمانن جي خوشين لاءِ خصوصي قوالي جو به انتظام ڪيو ويو.ان موقعي تي ميڊم شازيه ظهير ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايم سي وومين ايمپاورمينٽ آرگنائيزيشن هڪ اين جي او آهي ۽ اسان جي تنظيم ميچ ميڪرز جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي آهي ۽ بيروزگار عورتن کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪندي آهي، کين گهر ۾ ويهي ميچ ميڪرز بڻجڻ جي مفت تربيت ڏني ويندي آهي.

ڪراچي جي هڪ خانگي هوٽل ۾ ميچ ميڪرز دعا ميريج ڪنسلٽنسيءَ جي ميمبرن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن لاءِ وڏي پيماني تي ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ ميمڻ شازيه ظهير جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويا.

ڊسمبر 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو