ڪجهه ڏينهن اڳ باهه واري واقعي جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو: فياض حسين راهوجو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڪاري موري جو ڪم تسلي بخش ڪرائڻ لاءِ اختيارين جي خصوصي هدايتن تي مون ذميواري کڻي ڪم جي شروعات ڪئي آهي جوهي بئراج ۾ پڇڙي جي آبادگارن تائين زرعي پاڻي پهچائڻ لاءِ پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ بئراج ۽ واهن، شاخن جا دورا ڪيا آهن ۽ جن جن هنڌن تان زرعي پاڻي چوري ٿي رهيو هو
انهن هنڌن تان لفٽ مشينون، ڇاٻون، دڪا، مانڊول هٽرائي پاڻي کي لنگهه ڏنو آهي ڪاري موري سڌو سنئون ٽيڪنيڪل مسئلو آهي ان ڪري ماهرن جي مدد پڻ حاصل ڪئي آهي جوهي جي آبادگارن جي شڪايت جلد ختم ٿي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو دادو پريس ڪلب جي دوري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،
هن چيو ته دادو پريس ڪلب ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ باهه واري واقعي جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، دادو پريس ڪلب مظلوم عوام جو ڀرجهلو طور ارباب اختيارين تائين عوام جو آواز پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي سچين خبرن جو نوٽيس ٿئي ٿو
صحافي کي خبر لکڻ کان اڳ ۾ ان جي چئني طرفن جي ڄاڻ رکڻ گهرجي، ميونسپل ڪاميٽين، ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي اهو ڪم اهي ادارا سرانجام نه پيا ڏين جنهن ڪري عوام سڄو نزلو ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن تي اڇلائي پئي، ميونسپل ڪاميٽين جي سربراهن سان انتظامي گڏجاڻيون ڪري انهن کي ميونسپل سروسز عوام کي مهيا ڪرڻ بابت هدايتون جاري ڪيون آهن،
شهر مان حددخلين جي خاتمي لاءِ جوڳا انتظام ڪيون پيا ڪافي حد تائين حددخلين کي هٽائڻ لاءِ عملي طور دادو شهر سميت ٻين شهرن ۾ به آپريشن ڪيا آهن ٽرانسپورٽرن پاران هٿرادو ڪرايا وڌائڻ وارو سلسلو روڪڻ لاءِ ذميواري آر ٽي سيڪريٽري جي ٿئي ٿي جيڪو دادو ۾ ڪم نه ٿو ڪري ان ڪري عوامي شڪايت رهي آهي، شهر ۾ هٿرادو سئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرائڻ لاءِ اختيارين کي خط لکيا آهن ۽ انهن جي ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ کي طلب ڪري هدايتون جاري ڪيون آهن،
هن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ شيڊول اڃان تائين اليڪشن ڪميشن پاران جاري نه ٿيو آهي ۽ اسان چونڊن لاءِ تياري ڪري رهيا آهيون زرعي ڀاڻن جي کوٽ آهي ان لاءِ اسان ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي اختيارين کي خط لکيو آهي ڄامشورو ضلعو الڳ آهي پر ان ضلعي جا ڊيلر ۽ آبادگار اسان جي ضلعي دادو جي ڪوٽا مان زرعي ڀاڻ کڻي وڃن پيا هٿرادو مهانگائي وڏو مسئلو آهي ان تي به اسان ذميوار اختيارين کي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي ڪم شروع ڪيو آهي،
ان موقعي تي مختيارڪار اسٽيٽ، پي اي شاهزمان ملڪاڻي، دادو پريس ڪلب جو صدر صابر ڀنڊ، غوث علي جهتيال، گلڻ ڀنڊ، سرور جلال سولنگي، لياقت علي ملڪ، آصف علي سومرو، ديدار شيخ، آفتاب ڀنڊ، ادل مهيسر، نياز چانڊيو، دانش خشڪ، الله بخش خشڪ، شيراز شيخ، شوڪت ملاح، ارباب رستماڻي، گلشير سولنگي، رياض ولي چانڊيو، نصير شيخ، نويد قريشي، جاويد لغاري، حبدار ٻٻر ۽ ٻين صحافين پاران ڊپٽي ڪمشنر دادو کي دادو پريس ڪلب جي باهه سڙيل حصن جو دورو ڪرايو.
ڊسمبر 8, 2023