سوڀوديرو: علائقي واسي گيس کان محروم، ايل پي جي سلينڊرن ۽ ھوٺلن تي ماني کائڻ تي مجبور بڻيل

Spread the love

سوڀوديرو  (رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو) رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا اسان سوڀوديرو ھنگورجا راڻي پور جي عوام سان جي ڪو ھڪ مسعلو ھجي تہ کڻي ماٺ ڪجي ڪيترن ئي سالن کان وٺي اسان جي مختلف علائقن جي آفيسن ۽ دفترن ۾ سڀ ٿڪيل ٿڪيل ۽ ذھني مريض ڪرپشن جا بي تاج بادشاھ موڪلي ھتان جي عوام سان ڄاڻي واڻي مائٽيلي ماء وارو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي

 پر تازوئي اسان جي علائقن ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني راڻي پور جي آفيسرن ھيٺيان کان وٺي مٿي تائين جي ملازمن بيحيائي جي انتھا ڪري ڇڏي آھي گئس کي پرائيويٽ ادارن ۾ کپائڻ جي لالچ ۾ جھڙوڪ سي اين جي اسٽيشنن وغيرہ کي کپائي ڏيڻ جي ڪري غريب ۽ بي پھچ ماڻھن کي ڪاٺين پرائيويٽ ايل پي جي سلينڊرن ۽ ھوٺلن تي ماني کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي

 خدارا خدا جي خلق تي ڪجھ رحم ڪريو گئس کي بحال ڪريو ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ٿو ڪجي تہ ھن ڪڌي عمل ۾ ملوث سموري راشي سوئر نما ملازمن جي خلاف فوري طور ايڪشن کنيو وڃي نہ تہ غريب ماڻھو بکن کان تنگ اچي روڊن تي نڪري پوندا ۽ ان سموري حالات جو ضميوار راڻي پور جي سوئي گئس انتظاميہ ھوندي .

ڊسمبر 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو