سکر: شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل جا جوابدار گرفتارنھ ٿيڻ خلاف صحافين پان احتجاج
سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر جي شهيدصحافي جان محمد مهر جا اصل قاتل115ڏينهن مڪمل ٿيڻ باوجود گرفتاري کان بچيل رهيا، صحافين جي احتجاجي تحريڪ تيز ، علامتي بک هڙتال ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي صدر بشري’آرائين جي اڳواڻي ۾ عورتن جي وڏي انگ پاران يڪجهتي جو اظهار،صحافين جي هر جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان، قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي
۽ سکر يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جا مک قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 115ڏينهن به صحافين احتجاجي تحريڪ جاري رکندي سکر پريس ڪلب اڳيان ايس يو جئي جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي علامتي بک هڙتال وارو سلسلو جاري رکيو جنهن ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، سيد احقر شاهه، عمر سومرو، جي ايم ياسين خان مھر شوڪت علي مھر جلال الدين ڀيو، شوڪت راهي،
مرتضي’جوڻيجو، يار محمد سومرو، عبدالغفور شيخ، سجاد پاشا، بخش علي ڦلپوٽو، ديدار انڙ، اظهردايو، ابراهيم سومراڻي،بابر کوکر، فضل الرحمان قريشي،صلاح الدين سميجو، آصف مهر، کانسواءِ يڪجهتي جو اظهار ڪندڙن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين جي صدر بشري’آرائين، صدف ڀٽو، غزالا انجم سميت سوين عورتن شرڪت ڪئي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران صحافين جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو
ان موقعي تي بشري’آرائين، چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ جا خادم عوام جي خدمت ڪرڻ بدران عوام کان پنهنجي خدمت ڪرائي رهيا آهن، اسان جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل فوج، پوليس ۽ رينجرز جي هوندي سنڌ جي شهرن ۽ گوٺن ۾ جديد هٿيار پهچي وڃن ٿا ۽ سياستدانن، وڏيرن سردارن، ۽ ڀوتارن جي سرپرستي ۾ سفاڪ قاتل ڪڏهن سکر ۾ بهادر صحافي جان محمد مهر کي شهيد ڪن ٿا
ڪڏهن ٺل جي نوجوان معظم نوناري کي قتل ڪن ٿا ڪڏهن معصوم نياڻي پريا ڪماري، ٻار علي اصغر منگریو سميت هٿين خالي ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا انهن لاءِ عوام جي سراپا احتجاج باوجود حڪمران پنهنجي لگزري گاڏين ۽ بنگلن ۾ عياشي ڪري رهيا آهن هر پاسي ظلم ۽ ستم جي انتها ٿي وئي آهي کين عوام جي ڪابه پرواهه ناهي ھاڻي عوام کي انهن خلاف پاڻ نڪري آواز بلند ڪرڻو پوندو، صحافي اڳواڻن چيو ته 115ڏينهن جو وڏو عرصو گذري ويو پر سنڌ حڪومت جي دعوائن باوجود قاتل گرفتار نه ٿيا آهن
پر اسان واضع ٿا ڪيون ته اسان ٿڪجي خاموش ٿيڻ وارا ناهيون جيستائين اسان جي ساٿي شهيد جان محمد مهر جا اصل قاتل گرفتار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿا آندا وڃن احتجاج جاري رهندو عبدالواحد مهر، انس ملڪ، ناصر جعفري، نعيم غوري، سجاد سنجراڻي، جاني ڀٽي، نادر سنجراڻي، اصغر عباسي ،ياسر ڀيو، محمد اسلم دايو، هيومن رائيٽس خيرپور جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ قاضي شڪيل احمد، سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر نذير کوکر، عطا محمد ڀٽو، ، زاهد منڱريو، اعظم منڱريو۽ ٻين شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ڊسمبر 6, 2023