ڏوڪري جي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي آهي.ثقافتي تقريب شاگردن شاگردن ۽ استادن ثقافتي ويس ٽوپي اجرڪ پھري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن ثقافتي گيتن تي جهمريون لڳايون ۽ سنڌ جي ثقافت بابت ٽيبلوز پيش ڪيا.

انهي موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر سلطان ميتلو، پروگرام جي آرگنائزر ڊاڪٽر ذوالفقار عباسي،ڊاڪٽر محمد علي سانگي،ڊاڪٽر نور احمد ساريو، ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو ،ڊاڪٽر غلام نبي سوهو ۽ ٻين ثقافتي تقریب  کي خطاب ڪندي چيو ته   ھن چيو ته وقت جي حڪمرانن تي فرض ٿو ٿئي ته سنڌ جي مظلوم نياڻين کي بيدري سان قتل ڪرڻ، کين حراسان ڪرڻ سميت تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي ڦاھو ڏئي قتل ڪري خودڪشي ظاهر ڪرڻ وارن واقعن خلاف عملي ڪردار ادا ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

انهي موقعي تي پروفيسر شبانہ مزاري، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ،ڊاڪٽر حنان ٻرڙو، ڊاڪٽر شاھجهان راجپوت، پروفيسر جاويد شبير ڊار،ڊاڪٽر محمد ھارون ھليو، ڪاشف علي جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ڊسمبر 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو