رسول آباد: ڳوٺ ٻيڙو گهانگهرو واسين پاران بااثرن خلاف احتجاج
رسول آباد ( رپورٽ: حب علي جھانگر) رسول آباد جي رهواسين جو احتجاج بااثرن اسان جي زمين تي قبضو آهي
رسول آباد ڳوٺ ٻيڙو گهانگهرو جا رهواسي منظور گهانگهرو غلام اصغر گهانگهرو دائم گهانگهرو قائم دين گانگهرو عاشق گهانگهرو هنڱورجا پاڪ سنڌ پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته اسان جي زرعي زمين ڳوٺ ٻيڙو گهانگهرو ۾ آهي جيڪا نالي غلام نبي ميانداد وارا فراڊ سان زمين جو شڪي کاتو ٺهرايو آھي جنهن زمين جي ايراضي تقريبا“ پندرنهن جريب آھي
جيڪا زمين اسان جي وڏن جي نالي رڪارڊ ۾ آھي ۽ اسان جو سينيئر سول گمبٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ۽ زمين اسان جي قبضي آهي ۽ هاڻي غير قانوني طريقي سان نالي غلام عباس راجپر ويٺل شاه جي مشين ۽ گڊو راجپر ويٺل گلاب حاجي سڪندر شنباڻي آعظم شنباڻي زاهد شنباڻي شاهنواز راجپر قانون جي خلاف ۽ عدالت جي توهين ڪري زبردستي اسان جي گهر ۽ زمين تي قبضو ڪري رهيا آھن
گذريل آچر جي ڏينهن مٿيان جوابدارن اسان جي گهر تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 8 ماڻهو زخمي ٿي پيازخمن جا نالا قائم دين گهانگهرو غلام اصغر گهانگهرو ريٽائرڊفوجي محمد پنجل گهانگهرو فهيم گهانگهرو نظام دين گهانگهرو عاشق گانگهرو ضمير حسين گهانگهرو ۽ هڪ عورت سميت 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا جنهن کان اسان ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو
جنهن کان پوء ايس ايڇ او هنڱورجا مشتاق جتوئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻو ختم ڪرائي 13 ماڻهن تي ايف آء آر داخل ڪئي پر هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو نه ئي ڪو مٿئين جوابدارن جو اسان سان حصو پتي آهي ۽ اسان کي هرو ڀرو تنگ ڪري رهيا آهن ۽ اسان جو ڪيترائي چڪر فيصلو به ٿيو آھي
جنهن۾ غلام نبي ۽ ميانداد وارا ڪوڙا ٿيا آهن اسان آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور SHO هنڱورجا کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي گهر ۽ زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
ڊسمبر 6, 2023