اسان ڳالهين تي نه پر ڪم تي يقين رکندا آهيون: سيد مراد علي شاهه

Spread the love

حيدرآباد (رپورٽ ممتاز علي سومرو) سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاهه حيدرآباد پهچي سرڪائوس جي انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري اسپتال جي نئين تعمير ٿيل او پي ڊي ۽ عورتن جي وارڊ جو افتتاح ڪيو  وڏي وزير او پي ڊي ۽ عورتن جي وارڊ جي مختلف شعبن جو  جائزو ورتو ۽ عورت مريضن کان سندن صحت بابت معلومات ورتي، وڏي وزير هڪ وارڊ ۾ خاتون مريضه جي تيار ڪيل پينٽنگ  تي دستخط پڻ ڪيا، ان موقعي تي منعقد ڪيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير ايشيا جي پهرين مينٽل اسپتال سرڪائوس  جي  انسٽيٽيوٽ  آف سائيڪياٽري کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو،  وڏي وزير  چيو ته مون هن وارڊ جو دورو به ڪيو  جيڪو منهنجي والد صاحب  ٺهرايو هو  ۽ اڄوڪو ڏينهن منهنجي لاءِ يادگار رهندو، وڏي وزير چيو ته اسان ڳالهين تي نه ڪم تي يقين رکندا آهيون، هن چيو ته مونکي هڪ ذهني  مريضه  چيو ته آئون ٺيڪ آهيان مونکي هتان وٺي وڃو اهڙن مريضن سان ملي  تمام ڏک ٿئي ٿو،  هن چيو ته هتان جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي  کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي اهڙن مريضن جو محبت سان خيال رکن ٿا، وڏي وزير چيو ته هن اسپتال  ۾ فرض ادا ڪندڙ ماڻهو نه فقط فرض ادا ڪري رهياآهن بلڪه ثواب به ڪمائي رهيا آهن، ان موقعي تي وڏي وزير مينٽل هيلٿ يونيورسٽي بڻائڻ جو اعلان  ڪيو ۽ چيو ته يونيورسٽي ايشيا  جي اسٽيٽ آف دي آرٽ يونيورسٽي ثابت ٿيندي جنهن تي تمام جلد ڪم شروع ڪيو ويندو،  هن چيو ته ان جي دروازي جي قيام  کي 150 سال ٿي ويا آهن ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پوري هندوستان جاماڻهو ان اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندا هئا هاڻي ان کي اپ گريڊ ڪري اهڙي مثالي يونيورسٽي  بڻائينداسين جو پوري دنيا مان ماڻهو هتي علاج ڪرائڻ ايندا، هن چيو ته 150 سال ۾ جيڪا ڪم هن اسپتال ۾ نه ٿيا هئا اسان ڏيڍ سال ۾ ڪنداسين، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان نئين ڀرتين  لاءِ درخواست ڪنداسين ۽ اسپتال کي درپسش مسئلن جي حل لاءِ پڻ سموراگهربل قدم کنيا ويندا  جڏهن ته انسٽيٽوٽ کي عملي ، ايمبولينس  ۽ ٻيا ضروري آلات پڻ مهيا ڪيا ويندا، ان کان اڳ چيئرمين مينٽل هيلٿ اٿارٽي ڊاڪٽر ڪريم خواجا ۽ اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سيد عامر دبير اسپتال جي تاريخي پهلوئن ۽ اسپتال کي درپيش مسئلن کان وڏي وزير کي آگاهه ڪيو،  ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ، صوبائي وزير اسماعيل راهو ، ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ ، ايم پي اي عبدالجبار خان ،سهراب سرڪي،، وڏي وزير جي خاص معاون صغير قريشي ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد سوائي خان ڇلگري ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا

ڊسمبر 18, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو