سانگهڙ: فيض محمد شر جي ميزباني ھيٺ سنڌ جي ثقافت مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو ڳوٺ رئيس حاجي محمد ابراھيم شر ۾ فيض محمد شر جي ميزباني ۾ سنڌ جي ثقافت مچ ڪچھري جي تقريب ڪوٺائي وئي. سنڌ ڌرتي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي تقريب ۾ سگھڙن ڏور ڳجھارتون ڏئي واھ واھ ڪرائي ڇڏي

تقريب ۾ صوفي فنڪارن دودو مري سومر لغاري رحمان ڪيريو ۽ ٻين صوفي ڪلام ۽ قومي گيت ڳائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو ان موقعي تي استاد حاجي محمد عرس راڄڙ استاد فيض محمد شر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ صدين کان شاھوڪار آھي

ثقافت جي مالڪ آھي سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي جن ھميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي سنڌ جي ماڻھن کي اولاد جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ کپي ته جيئن دنيا ليول تي سنڌ جا ماڻھو تعليمي ترقي ۾ تيز ھجن ۽ اڄوڪي قومي عيد تي ننڍا ننڍا اختلاف وساري ڪري ٻڌي ڪري ھڪ ٿي وڃون تہ جيئن سنڌ ۾ سنڌي ماڻھو خوشحالي سان گزاري سگھن تقريب ۾ واحدبخش شر، نياز محمد شر، نياز علي ڪيريو،

 بشير، محمد خان خاصخيلي، محب علي راڄڙ، محمد خان راڄڙ، آر بي راڄڙ، نور محمد شر، غلام علي شر کان سواء سماجي اڳواڻن سول سوسائٽي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڊسمبر 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو