سيوھڻ: ڊگري ڪاليج ۾  ثقافتي ڏينھن ملھايو ويو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سڄي سنڌ جيان سيوھڻ ۾ به ثقافتي ڏينھن ملھائڻ جو سلسلو جاري ، سيوھڻ جي ڊگري ڪاليج بوائز سيوھڻ جي پرنسيپال حافظ صبغت الله سولنگي ڊگري ڪاليج جي پروفيسرن ۽ شاگردن جي ميزباني ھيٺ ثقافتي ڏينھن ڊگري ڪاليج سيوھڻ ۾ ڀرپور نموني سان  ملھايو ويو،

ھن پروگرام جو خاص مھمان اڳوڻو ايم پي اي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ڄام شورو جو صدر سيد آصف علي شاھ ھو،  ھن پروگرام ۾ ڊگري ڪاليج سيوھڻ جي انتظاميہ ۽ شاگردن کي  ثقافتي لباس پھريل ھئا، جڏھن تہ شاگردن پاران   ثقافت جي حساب سان ڪجھ قومي گيتن تي رڪس پڻ ڪئي،

 ھن تقريب کي خطاب ڪندي پرنسيپال ڊگري ڪاليج سيوھڻ حافظ سائين صبغت الله سولنگي چيو ته مان نھايت شڪرگذار آھيان، مھمان خاص سيد آصف علي شاھ ۽ سيد شھزاد حيدر شاھ ۽ سائين جن سان آيل سڀني دوستن جو سيوھڻ شھر جي معززين ء سيوھڻ جي سماجي اڳواڻن ۽ سيوھڻ شھر جي ميڊيا جي دوستن جو جن منھنجي ھن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي آھي،

ھن تقريب کي مھمان خاص سيدآصف علي شاھ پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته ڊگري ڪاليج سيوھڻ جي انتظاميہ طرفان ھن تقريب ۾ آيل خاص مھمانن کي اجرڪ ۽ لنگي جا تحفا پڻ پيش ڪيا، جڏھن تہ ھن پروگرام ۾ سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين  سيد شھزاد حيدر شاھ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي ڪجھ چونڊيل ڪائونسلرن ۽ سيوھڻ شھر جي معززين ء سيوھڻ شھر جي سماجي اڳواڻن ۽  سيوھڻ جي  سنڌ پريس ڪلب جي صحافين  شرڪت ڪئي ،

ھن تقريب جي پڄاڻي تي  آيل سمورن معززين ۽ سماجي اڳواڻن ۽ صحافي ڀائرن کي ڊگري ڪاليج بوائز  سيوھڻ جن جي پرينسيپال  پروفيسرن ۽ شاگردن  پاران مانجھاندو پڻ ڏنو ويو.

ڊسمبر 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو