چوٽياريون: ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ٿاڻي جي حد بقار ڊيم تي ملاح برادري جي ٻن ڌرين جو پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ھڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي. تفصيل موجب چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ بقار ليڪ ريزارٽ ويجهو ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ ۽ رستي جي معاملي تا جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ هڪ عورت ۽ 5 مرد زخمي ٿي پيا
زخمين ۾ هڪ ڌر جا محمد علي روشن اعجاز علي ۽ هڪ عورت جڏھن ته ٻي ڌر جا نذير احمد ۽ عبدالرزاق شامل جن کي فوري طورسول اسپتال سانگھڙ پهچايو ويو
جتي سندن علاج جاري آھي ٻئي طرف ايس ايڇ او چوٽياريون گلزار مري صحافين کي موقف ڏيندي چيو ته اسان کي جيئن جهيڙي جو اطلاع مليو اسان پوليس موبائل ۾ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري سرزمين تي پهتاسين ۽ جهيڙي جي زخمين کي ترت ليٽر ڏئي
سانگهڙ سول اسپتال روانو ڪيوسين هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته فلحال جهيڙي جي اين سي داخل ڪئي آھي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽن اچڻ بعد اگر ڌريون چاهينديون ته ايف آئي آر داخل ڪبي ٻئي طرف پوليس پاران 2 جوابدارن جي گرفتاري جا پڻ اطلاع آھن.
ڊسمبر 5, 2023