گھوٽڪي: معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول مان ريلي ڪڍي وئي
گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امین سومرو ) معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي ميرپورماٿيلو جي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول مان معذور شاگردن استادن جي ريلي، سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا تي عمل ڪري معذورن کي سرڪاري نوڪري ملڻ تائين بيت المال، احساس ڪفالت پروگرام، عشر ذڪوات کاتي ذريعي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي، گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هن وقت دنيا ۾ 650 ملين ماڻهو معذور آهن.
اڳواڻ تفصيل موجب معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي ميرپورماٿيلو جي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول مان معذور شاگردن استادن اسڪول جي پرنسپال استاد سيف الله مهر، خالد حسين پتافي، مسعود شيخ، معذور شاگردن ذيشان ،فرحان، فضل رسول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ڀٽائي چوڪ کان ٿيندي ڊي ايڇ ڪيو
پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان واپس اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول ۾ پڄاڻي تي پهتي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا تي عمل ڪري معذورن کي سرڪاري نوڪري ملڻ تائين بيت المال، احساس ڪفالت پروگرام، عشر ذڪوات کاتي ذريعي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي، گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هن وقت دنيا ۾ 650 ملين ماڻهو معذور آهن.
ڊسمبر 4, 2023