سنڌ ۽ پاڪستان ،اچو ته سنجيده بحث جو آغاز ڪيون

Spread the love

جڳديش آھوجا 

  سوشل ميڊيا ھڪ ذريعو آهي جنهن ذريعي ھر ماڻھو پنھنجو موقف آزاديءَ سان بيان ڪري سگهي ٿو. ان کي اسان گھڻو تڻو غير ذميوار ۽ ڇڙواڳ طريقي سان استعمال ڪري رھيا آھيون. ان کي اسان  ھڪ سنجيده بحث جي طاقتور ۽ اثرائتي ھٿيار طور به استعمال ڪري سگھون ٿا. اسان کي اظھار جي آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ به فرق ڪرڻو پوندو. آزادي پنهنجي جوھر ۾ خود وڏي ذميداريءَ جو نانءُ آهي. اظھار جي آزاديءَ جو غير ذميداريءَ سان استعمال خود ھڪ آزادي دشمن عمل آھي.

                 سوشل ميڊيا جي وجود کان اڳ جڏھن اسان کي اظھار جي آزاديءَ جا انتھائي محدود ذريعا ميسر ھئا تڏھن اسان کي انهن جو قدر ھوندو ھيو ۽ اسان اھي ذميداريءَ سان استعمال ڪندا ھئاسين پر ھاڻي جڏھن اسان کي اظھار جي آزاديءَ جو انتھائي اثرائتو ذريعو مھيا ٿيو آهي ته اسان ان کي گھڻو تڻو انتهائي غير ذميداريءَ سان ۽ بدقسمتي سان انتهائي بداخلاقي سان  به استعمال ڪري رھيا آھيون. اھو اسان جي سماج جو، اسان جي ذھني سطح جو، اسان جي اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ سماجي انارڪي جو آئينو آهي. اسان کي ان ذلت ڀري صورت حال مان ھر صورت ۾ نڪرڻ جو عھد ڪرڻ گھرجي جنهن لاءِ ھر مسئلي تي اسان کي سنجيده فڪري بحث جو آغاز ڪرڻو پوندو.

اچو ته اسان سنڌ ۽ پاڪستان جي ڳانڍاپي تي ھڪ سنجيده بحث جو آغاز ڪيون:

ماضي

ماضي مستقبل جو آئينو ھوندو آھي. اوھان ماضيءَ جو بغور جائزو وٺو، مستقبل جون جھلڪيون اوھان کي ضرور نظر اچي وينديون.

۱۴ ۽ ۱۵ آگسٽ ۱۹۴۷ع جي رات جو جيڪو پاڪستان وجود ۾ آيو اھو 16 ڊسمبر 1971ع جي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ختم ٿي ويو. مشرقي پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو ۽ اولھه پاڪستان ئي پاڪستان رھجي ويو جنهن کي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. عمران خان ته نئون پاڪستان نه ٺاھي سگھيو ۽ ھاڻي روز پاڪستان جي ٽٽڻ، ٽن ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃڻ  ۽ پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جڏھن ته ذوالفقار علي ڀٽو جناح جو پاڪستان ٽوڙڻ ۾ رھنما ڪردار ادا ڪري  نئون پاڪستان ٺاهي ورتو. ان نئين پاڪستان جي وجود کي سڀ کان پھرين سنجيده دليلن سان سائين جي ايم سيد رد ڪيو ۽ ان نئين پاڪستان جي نئين آئين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ نئين آئين جي مصنف تڏهن جي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادو کي جيڪا چماٽ لڳي اھا نئين  پاڪستان کان نفرت ۽ سنڌ سان لڳاءُ جو جذباتي اظھار ھو. تڏهن کان سنڌ جي آجپي جي تحريڪ تي جذباتي تحريڪ جو ليبل لڳڻ شروع ٿيو. سڀ کان پهرين ته اسان کي ان متعلق پنھنجا ذھن صاف ڪرڻا پوندا ته  سنڌ جي آجپي جي تحريڪ جنهن کي سائين جي ايم سيد جي فڪر جو نالو ڏنو وڃي ٿو  سا ڪا جذباتي ڳالهه آهي يا سنجيدہ سياسي راهه عمل آھي.

ياد رهي ته سائين جي ايم سيد اھا راهه عمل ۱۹۷۲ع کان اختيار ڪرڻ شروع ڪئي ۽ “سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” لکي سنڌ جي آزاديءَ جو مدلل ڪيس پيش ڪيو جنهن جو مدلل جوابي ڪتاب اڄ تائين منهنجي نظر مان ته نه گذريو آهي جڏھن ته اھو ساڄي توڻي کاٻي ڌر پاران ڏي جواب وٺ جواب جو زمانو ھو. ھاڻي به جيڪڏھن اھو تعين ڪرڻو آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس سنجيده سوال آهي يا محض جي ايم سيد جي پوئلڳن جي جذباتي لڳاءُ جو معاملو آهي ته اسان کي سڀ کان پهرين ھڪ ڀيرو وري “سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ” جو مطالعو ڪرڻو پوندو ته ان ۾ محض جذباتي ڳالهيون ڪيل آهن يا سنڌ جي آجپي جو مضبوط ۽ مدلل ڪيس پيش ٿيل آھي. ٻيو ته اھو ڪيس اڌ صدي پراڻو آهي، ان جي اڄ جي زماني ۾ ڪھڙي وقعت آھي؟ ڇا اھو ڪيس مدي خارج ٿي چڪو آهي ۽ ھاڻي ان سان  رڳو ھڪ محدود حلقي جي جذباتي وابستگي رھي آھي؟

ان جو جواب تلاش ڪرڻ لاءِ اسان کي ماضيءَ ۾ جھاتي پائي ماضي ۽ حال جي سنڌ ، پاڪستان ۽ بين الاقوامي صورتحال ۾ آيل تبديلين جو به ڳوڙھو جائزو وٺڻو پوندو.  ھي مختصر مضمون ان جي گنڀيرتا لاءِ ڪافي نٿو ٿي سگهي ، ھي رڳو بيٺل پاڻيءَ ۾ ھڪ پٿر اڇلائڻ جي ڪوشش آهي. جي مدلل موٽ ملي ته ان کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.

حال

حال ۾ ھڪ سنجيده نقطو زير بحث آندو ويو آهي ته جيڪڏھن باقي بچيل پاڪستان ٽٽي ٿو ته سنڌ به ٽٽي ويندي يا پاڪستان جو ٽٽڻ سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. ان بحث جي جڙ به سائين جي ايم سيد جي  ان دليل ۾ سمايل آهي ته “پاڪستان جو وجود سنڌ لاءِ ھاڃيڪار آهي.” اسان  کي ڏسڻو پوندو ته ڇا اھو دليل پنهنجي وقعت وڃائي ويٺو آهي يا ھاڻي صورتحال ان جي برعڪس آهي ته ھاڻي سنڌ جو مفاد پاڪستان جي وجود سان لاڳاپجي ويو آهي؟ سائين جي ايم سيد جو ان متعلق موقف بلڪل چٽو آهي ته سنڌ ته پاڪستان کان سواءِ پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿي پر پاڪستان سنڌ کانسواءِ پنهنجو وجود قائم نٿو رکي سگهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان آھستي آھستي اسان کي اھو ذھن نشين ڪرايو پيو وڃي ته، “ڏسو، ڏاھا ٿيو، جذباتي خول مان نڪري اچو، مدي خارج سوچن مان جان ڇڏايو، دنيا تمام گهڻي بدلجي چڪي آهي، جيڪي قوتون پاڪستان کي ٽڪرا ڪرڻ ٿيون چاھن اھي سنڌ جا  به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏينديون، ان ڪري اچو ته گڏجي انهن کي منھن ڏيون.” ھي آھي “نئين سوچ” جو اصل ڳر، اصل مقصد.ھاڻي ڪير “پراڻي سوچ” تي ٿو ھلي، ڪير “نئين سوچ” ٿو اختيار ڪري، ھر ھڪ جي پنھنجي سوچ آھي. گھٽ ۾ گھٽ ڳالهه کي واضح ۽ چٽو ته رکجي. مستقبل سنڌ ۽ پاڪستان جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جو موقف بلڪل چٽو آهي ته،“سنڌ پاڪستان کانسواءِ رهي سگهي ٿي. پر پاڪستان جو سنڌ کانسواءِ قائم رهڻ مشڪل آھي. پاڪستان جي قيام جو مدار حڪمران طبقي جي سنڌ سان برتاءُ تي آھي. جيڪڏھن سندن موجوده ذھنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگهندي.” ۳۱ ماچ ۱۹۷۳ع تي سائين جي ايم سيد طرفان پيش ڪيل ان موقف ۾ اڄ به ڪيتري صداقت سمايل آھي اھو فيصلو ڪرڻ  لاءِ ھر ذھن آزاد آھي پر ان سوال جي جواب ۾  اسان جي مستقبل جو اولڙو پسي سگهجي ٿو.سوال کي جيڪڏھن اڃان به چٽو رکجي ته اھو ايئن ٿيندو ته اڌ پاڪستان ذلت آميز طريقي سان وڃائڻ ۽ اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به ڇا پاڪستان جي حڪمرانن جي سنڌ سان برتاءُ ۾ ڪا بنيادي مثبت تبديلي آئي آهي يا ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه واري ڪرت جاري آهي؟ ڇا سنڌ ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ڪو بنيادي ڦيرو آيو آهي يا ٿوري گھڻي ڦير ڦار سان ساڳيو حاڪم ۽ محڪوم وارو رشتو برقرار آھي؟ جيڪڏھن اھو برقرار آھي ته اھو برابريءَ جي رشتي ۾ ڪيئن تبديل ٿي سگھي ٿو؟ٿورو سوچيو ۽ سنجيده بحث کي اڳتي وڌايو.

ڊسمبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو