سيوھڻ: ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلر قربان علي ابڙو جي اوطاق ۾ ايڪتا جي ڏھاڙي تي مچ ڪچھري منعقد

Spread the love

سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ  جي ڪائونسلر قربان علي ابڙو جي اوطاق ڪيئر ڪالوني سيوھڻ ۾    3 ڊسمبر 2023 جي ڏينھن جي مناسبت سان  سنڌي ٽوپي اجرڪ ايڪتا جي ڏھاڙي تي مچ ڪچھري منعقد ڪئي ويئي،  جنھن ۾ راڳ رنگ جي محل پڻ  ٿي گذري،  جنھن ۾  سيوھڻ شھر جي عوام ۽  شاعرن 

اديبن ۽ صحافين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته 03 ڊسمبر جي ڏينھن ثقافتي ڏينھن ملھائڻ جي خوشي ۾ ڪيترن ھنڌن تان ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ سنڌ جي نوجوانن سنڌي لباس پائي سنڌي ٽوپيون پائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو، جڏھن ته ھنن ريلين ۾ سنڌي نوجوانن سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيئڻ جا نعرا پڻ ھڻي رھيا ھئا،

سنڌ جي ثقافت جي ڏينھن جي موقعي تي سيوھڻ شھر جو عوام جھڙوڪ مرد، شاگرد ۽ ٻين ھن ڏينھن کي عيد جي ڏينھن نما ملھايو آھي، سيوھڻ جي نوجوانن جو چوڻ ھئو، تہ ثقافتي ڏينھن ملھائڻ جو جيڪو ڪجھ سال اڳ فيصلو ڪيو ويو ھئو ،اھو فيصلو بلڪل صحيح فيصلو ھئو، اسان نوجوان تمام ھن ڏينھن کي ملھائڻ لاء وڏو انتظار ڪندا آھيون،

 ۽ ھن ڏينھن کي ملھائڻ لاء وڏي تياري ڪندا آھيون، اسان پنھنجي لاء ھن ڏينھن تي ڪپڙا اجرڪ سنڌي ٽوپي وغيره خريد ڪندا آھيون ،جيئن اسان عيد جي خريداري ڪندا آھيون، اسان ھن ثقافتي ڏينھن جي به ائين خريداري ڪندا آھيون ،اسان سمجھندا آھيون، ته ھي ڏينھن اسان لاء عيد جو ڏينھن آھي.

ڊسمبر 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو