سيوھڻ واسي پاران بااثرن ۽ پوليس جي ظالمن کان تحفظ جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ  (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي رھواسي غلام حسين کوسو ويٺل سيوھڻ شريف چيو ته مان گذريل 24 سالن کان آراضي شھر ۾ درزڪو ڪم ڪندو آھيان، اتي منھنجو درزڪو دوڪان آھي، جنھن تي  ڪجھ ڏينھن پھريان ڪجھ شرپسند ماڻھون منھنجي دوڪان چڙھي، مون کي ڌمڪيون ڏئي چئي رھيا ھئا،

ته تون ھتي ڌنڌو نه ڪر نه ته توکي اسان ماري ڇڏينداسين، مان غريب بي پھچ ٻچيڙيوال  ڪنھن در دانھن ڏيان، مان آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو ، اي ايس پي سيوھڻ ۽ ايس ايڇ او سيوھڻ جن کي اپيل ٿو ڪريان خدارا مون غريب مسڪين کي تحفظ ڏيو منھنجو ھي بيان رڪارڊ تي رکو مون کي ھنن ظالمن کان تحفظ ڏيو، جيئن مان پنھنجو گذر سفر جاري رکي سگھان، ھن وڌيڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مون کي ظالمن کان تحفظ ڏنو وڃي، آھي وڏا ظالم آھن،

 مون انھن جي وڏن کي دانھون به ڏنيون آھن آراضي شھر جي چڱن ماڻھن کي مڙسن کي به مون ڪيترا چڪر دانھون ڏنيون آھن، پر مون غريب جي ڪير ٻڌي ئي ڪونه ٿو، آخرڪار مان مجبور ٿي ميڊيا جو سھارو ورتو آھي، مون کي ھنن ظالمن کان سيوھڻ تعلقي جي پوليس مون تحفظ ڏياري ته جيئن آء پنھنجي ٻچن جو روزگار صحيح نموني ڪري سگھان.

ڊسمبر 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو