ڪريم برائيٽ پبلڪ اسڪول ۾ جشن عيد ميلاد نبي صھ تقريب ٿي گذري
سيٺارجا (رپورٽر) سرور ڪونين . حبيب خدا . رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن جي آمد مبارڪ جي حوالي سان سيٺارجا جي بهترين تعليمي اداري ڪريم برائيٽ پبلڪ اسڪول ۾ جشن عيد ميلاد نبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب ٿي گذري .
تقريب جو خاص مهمان اسڪول جو ايڊمنسٽريٽر اياز علي سهتو ايڊووڪيٽ جن هيا جڏهن ته ڪمپيئرنگ جا فرض اسڪول جي استادن افختار احمد ڪٻر ۽ ميڊم اقصي سرانجام ڏنا .
اسڪول جي ٻارڙن مريم آرائين ۽ اسرار احمد تلاوت قرآن مجید جو شرف حاصل ڪيو جڏهن ته اسڪول جي ٻارڙن محمد عادل . نعيم احمد . احمر جميل . حانيه بلوچ . گل بشري . ضمير رند . احمد رضا . ام ايمن . فضا . صوبيه . زينت . ميڊم ثناء . انسه جنت . اسرا . اقرا . احمد علي . غلام قاسم . نمرا . ناياب . زينب انصاري . مناهل . فريحا سميت ٻين نعتون . تقريرون . حديثون بيان ڪري شان رسالت ص ۽ حضور پاڪ جن جي زندگي . ڏسيل اصولن تي روشني وڌي . تقريب کي اسڪول جي استادن امتياز حسين سهتو ۽ استاد غلام سرور سامٽيو پڻ خطاب ڪيو.
ڊسمبر 2, 2023