چوٽياريون : ٽنڊومٺاخان جي مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول ۾ ثقافتي تقريب منعقد
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) ٽنڊومٺاخان جي مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول ۾ هڪ ثقافت جي رنگن سان ڀرپور تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ اسڪول جي استادن شاگردن ۽ ٽنڊومٺاخان جي شهرين شرڪت ڪئي تقريب کان بعد ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي
تفصيل موجب سنڌي ميڊيا طرفان ڏنل 3 ڊسمبر واري ثقافت جي ڏينهن ملهائڻ واري سڏ تحت شهر ٽنڊو مٺاخان جي مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول ۾ هڪ ثقافت جي رنگن سان ڀرپور تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ڌرتي سان محبت جي اظھار طور اسڪول جي شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ مختلف موضوعن تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو جنهن بعد اسڪول جي شاگردن ۾ تقريري مقابلو ٿيو
پروگرام دوران شاگردن پاران پهريل ثقافتي ويس سان ثقافت جا رنگ نکري پيا پروگرام دوران مهمان خاص سامي فائونڊيشن ضلعي جو ڪوآرڊينيٽر اعجاز علي قريشي انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جو صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو سيد موعز علي شاھ استاد سلطان شر استاد عاشق حسين شاھ ۽ هيڊ ماستر سجاد چانڊيو ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌي ميڊيا جي طرفان ڏنل هن قومي ڪاڄ جي سڏ ۾ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون
اهڙي قسم جا پروگرام منعقد ٿيڻ گهرجن انهيء سان نئين نسل کي سنڌ جي تهزيب ۽ ثقافت بابت ڄاڻ ملندي آخر ۾ پريس ڪلب چوٽياريون جي طرفان علي اڪبر جوڻيجو تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهان سڀني جي مهرباني آهي جو اوهان سنڌي ميڊيا جي ثقافتي سڏ کي مان ڏيندي گڏ ٿيا آهيون
هن وڌيڪ چيو ته آئون خاص طور ٿورائتو آهيان هن اسڪول جي استاد سيد موعز علي شاھ لڪياري ۽ هن اسڪول جي تمام استادن جو جن شارٽ نوٽيس تي اهڙي عظيم الشان ثقافتي رنگن سان ڀرپور تقريب منعقد ڪئي تقريب ۾ ڪامريڊ غلام محمد شر ميان سانول ڪيريو سيد لالخان شاھ استاد حيات خاصخيلي ڄام مٺاخان راڄڙ خميسو راڄڙ رمضان جوڻيجو شاھ بخش جانوري ولي محمد مڱريو استاد رياض علي شاھ سيد مريد علي شاھ سيد عنايت علي شاھ سيد اعجاز علي شاھ سيد فرمان شاھ اميرحمزه خاصخيلي نواز زرداري سميت وڏي انگ ۾ استادن شاگردن ۽ ٽنڊومٺاخان جي معززين شرڪت ڪئي
تقريب کان بعد ۾ استاد سيد موعز علي شاھ جي اڳواڻي ۾ ثقافتي رنگن سان ڀرپور ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر ٽنڊومٺاخان جي مرڪزي چوڪ تي پهتي جتي شهري ۽ دڪاندار به ريلي ۾ شامل ٿي ويا ۽ اتي قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو ريلي کي سيد موعز علي شاھ لڪياري ۽ سينئر صحافي علي اڪبر جوڻيجو ميان سانول خطاب ڪندي چيو ته اڄ شهر ٽنڊومٺاخان جي رهواسين ثقافت جي سڏ تي گڏ ٿي سنڌ ڌرتي سان محبت جو ثبوت ڏنو آهي انهيء موقعي تي مقرين تعليم تي زور ڏيندي چيو ته پنهنجا ٻار اسڪولن ۾ داخل ڪرايو اوهان جون نياڻيون ۽ ٻچا تعليم سان ئي معاشري ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڊسمبر 2, 2023