ھنڱورجا: ٿاڻو ڏوھارين لاء گھاڻي بدران ناڻي ڪمائڻ واري اي ٽي ايم مشين بڻيل

Spread the love

هنڱورجا سٽي (رپورٽ: صفدر علي سولنگي) ھنڱورجا ٿاڻو ڏوھارين لاء گھاڻي بدران ناڻون ڪمائڻ واري اي ٽي ايم مشين بڻجي ويو آھي جتي روزانو جي حساب سان ھرقسم جا ڪرائيم تيزي سان بناڪنھن ڊپ جي پوليس جي سرپرستي ھيٺ سرعام رات ھجي يا ڏينھن ڪا نه ڪا ننڍي وڏي ڏوھ جي واردات ٿئي ٿي پوليس ته ڄڻ ھن ٿاڻي تي آهي ئي ڪونه

 باقي پنجاھ کان وڌيڪ پوليس اھڪار ٿاڻي تي ھوندي سڄوڏينھن چورن ڏوھارين کي پڪڙڻ بدران شھر توڙي آسپساس جي شريف اٻوجھ قسم جي ماڻهن خلاف رستن راھن تي ڪنهن ضروري ڪم ڪار سانگي ايندڙ ويندڙن خلاف وٺ پڪڙ ڪري پبنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا شھرڏانھن ايندڙويندڙ روڊن رستن تي بناڪنھن پرميشن جي غيرقانوني ھٿراڌو پڪٽون قائم ڪري چيڪنگ بھاني کيسا گرم ڪري روزانو ھزارين روپيا ڀتاخوري ڪئي وڃي ٿي مزي جھڙي ڳالھ ته ھنڱورجا ٿاڻو سنڌ جي مختلف ڪرمنل ايرياز وارن ٿاڻن ۾ وڌيڪ اھميت جي حامل ٿاڻو بڻجي ويو آهي

 جيڪو شريف عوام لاء لوگو ايريا ء بدمعاشن ڏوھارين توڙي پوليس لاء ڪمائي جي لحاظ کان دبئي کان گھٽ حيصيت نٿو رکي ھن ٿاڻي ۾ ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء اٽڪل پنجاھ کان وڌيڪ پوليس عملو جنهن ۾ ايس ايڇ او اي ايس آء پورا پنج وڏا ننڍا منشي ٿاڻي تي مقرر ھجڻ باوجود ھي ايريا ڪرائيم لاء بھترين ڪمائي جي انڊسٽريز ايريا طور مشھور بڻجي وئي آھي ھن ايريا ۾ ڪرمنل ساک رکندڙن پوليس اھلڪارن جي آشيرواد سان پري پري کان ڏوھاري ماڻھون ھتي اچي ديده دليري سان مختلف قسمن جا ڏوھ ڪري فرارٿي وڃن ٿا

پر ھيتري ساري پوليس عملي جي ھوندي ڏوھاري آزاد گھمي ڦري پنھنجون ڏوھي وارداتون ڪري ھتان جي مظلوم غريب شريف ماڻھن کي ذھني پريشاني جي عالم ۾ مبتلا پڻ ڪري ڇڏيوآهي ھنڱورجاپوليس شريف لاء وڏوخوف حراس ۽ ڏوھارين لاء دوستاڻوماحول فراھم ڪيو پيو وڃي اٽڪل گذريل چيئن مھنن دوران ھنڱورجا۽آسپاس جي علائقن اندرننڍيون وڏيون ھڪ سئوکان وڌيڪ ڏوھي وارداتون ٿيون آهن

ان کان علاوه شھرتوڙي آسپاس جي علائقن مان روڪ رقم موٽر سائيڪلون موبائيلون گھرن اوطاقن ذرعي زمينن مسجدن امام بارگاھن سرڪاري نيم سرڪاري ادارن مان سولرپليٽون پاڻي جاموٽر پکا بيٽريون وغيره ڏينھن ھجي يا رات بناڪنھن قانوني ڀوء جي چوري ڪري چور آزادانا طورفرارٿي وڃن ٿا …پر ھيتري ساري ڪروڙين روپيا سرڪاري خزاني مان ھرماھ پگھارون توڙي ھٿيارسنڀالڻ عيوض بجيٽ کڻي ڪڍي پئي وڃي پر پوء ھن ننڍي کان ننڍي اريا تي مشتمل ٿاڻي جي حد۾امن نالي ڪابه رٽ ڪٿي به نظرڪين ٿي اچي

 ھن سموري اھم عوامي صورتحال تي آء جي سنڌ  ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور انسانيت ناتي ٿوري خصوصي نظرڦيرائي ڏسن ته ھتان جي غريب مسڪين ڪاروباري شريف رھواسين جي سماجي  حقوقن تي سرعام ڏوھاري ۽ انھن سان ٻٽ بڻيل پوليس جا ڪارندا سندن لاء ڏوھي وارداتن ذريعي ڌرتي ٽامون ڪئي وئي آهي

انھيء عوام آزارشڪايتن تي سخت نوٽيس وٺي ھتان جي مظلوم متاثرعوام مٿان ترس کائي دادرسيء جومظاھرو ڪري کين کي امن امان واري فضا۾ واپس آڻي پرسڪون وارو ڪاروباري ماحول توڙي پرسڪون بي خوفي واري ننڊ مھيا ڪرائي انصاف جوبول بالا پڻ ڪيووڃي.

ڊسمبر 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو