سانگهڙ: عدالت منشيات فروش کي 9 سال قيد ۽ 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Spread the love

سانگهڙ ( ڊ ر ) سانگهڙ ۾ عدالت منشيات فروش کي 9 سال قيد ۽ 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار محمد ڪاشف جمالي وٽان مبينه طور 2 ڪلو 20 گرام چرس هٿ ڪئي وئي هئي

جنهن تي سانگهڙ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ڏوھ ثابت ٿيڻ تي9 سال قيد ۽ 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ياد رهي ته مجرم تي 2023 ۾ سانگهڙ ٿاڻي تي ڪيس نمبر107/2023قلم تحت 9 سي CNS ترميمي ايڪٽ 2022 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

عوامي حلقن طرفان رد عمل ۾ چيو ويو آهي ته ان فيصلي سان معاشري ۾ هڪ مثبت پيغام پهچندو ۽ منشيات فروشن جي حوصلا شڪني ٿيندي، ان سان گڏو گڏ اهو به چيو ويو آهي ته ٿوري وقت ۾ اهڙن فيصلن سان عدالتي نظام تي عوام جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آھي.

نومبر 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو