سکر: درگاھ ﷲ آباد شریف ڪنڊيارو ۾ 40ھين عالمي سالياني عرس بابت سرگرميون
سکر(رپورٽر)2 ۽ 3 ڊسمبر 2023 تي درگاھ ﷲ آباد شریف ڪنڊيارو ۾ منعقد ٿيندڙ 40ھين عالمي سالياني عرس مبارڪ حضرت سھڻا سائين جي سلسلي ۾ پريس سيڪريٽري جماعت اصلاح المسلمین سنڌ پاڪستان جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، انسانيت نواز حضرت سھڻا سائين نور اللہ مرقده دل چاھيو تہ پنھنجي محسن، پنهنجي سرتاج، پنھنجي ھمدرد ۽ غمٽار، رحمت پروردگار، نُورِ عين، آوازِ حق، پنھنجي سڃاڻپ، مرشد ڪريم خواجہ خواجگان حضرت سھڻا سائين رحمت اللہ علیہ جي مبارڪ ذات لاءِ تحرير لکان-
سنڌ سونھاري جي وڏي خوش نصيبي اها به آهي جو عالمِ اسلام جي مختلف علائقن کان ﷲ تعاليٰ جا مقرب ۽ صالح ٻانھن رشد ۽ ھدايت جا درياءَ جاري ڪري ڇڏيا. باب الاسلام سنڌ ۾ ھزارين بزرگان دين اولياء اللہ ۽ صوفياء ڪرام جو فيض برڪت جاري آهي.
سلسلہ نقشبندیہ جي عظيم المرتبت بزرگ، قطب دوران، غوث زمان، مجدد دين و ملت، آفتاب ولایت خواجہ خواجگان حضرت سھڻا سائين رحمت اللہ علیہ جي ذات با برڪات علم و عرفان ۽ اسرار و رموز جا نہ ختم ٿيندڙ سمنڊ آهن.
سندن جي ولادت باسعادت 10 مارچ 1910 ۾ ٿي، پاڻ بيعت اول حضرت خواجہ خواجگان فضل علي قريشي رحمت اللہ علیہ ۽ بيعت ثاني حضرت خواجہ خواجگان عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت اللہ علیہ سان ڪئي. جيئن سندن جو لقب سھڻا سائين آهي پاڻ ايئن ئي صورت ۽ سيرت ۾ حسين ۽ جميل ھيا.
پاڻ عاشق خدا ۽ صوفي با صفا ھيا. صاحبِ ڪمالات ڪرامات ۽ عشق مصطفیٰﷺ جا علمبردار ھيا. سلسلہ نقشبندیہ جا تاجدار ھيا. حضرت سھڻا سائين رح علم علم ۽ اخلاص جي روشنيءَ نه رڳو سونھاري سنڌ بلڪي پاڪستان سميت دنيا جي ڪافي ملڪن کي منور فرمايو.
پاڻ ڪو سپاھ يا تلوار استعمال نہ ڪئي، سندن جو طريقو ھي ھيو جو پاڻ محبت، انسانيت، مساوات، اخوت، رواداري ۽ وسيع النظري سان ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
پاڻ مخلوق خدا کي اسلام جي دعوت ڏني انھن جي اخلاق کي سنواريو، انھن جي دلين ۾ نيڪي ۽ سچائي جو چاھ پيدا فرمايو ۽ ھڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان گڏ رھڻ سيکاريو.
سندن مبارڪ زندگي سادگي ۽ شرافت جي تصوير ھئي. حضرت سھڻا سائين رحمت اللہ علیہ جي شخصيت ۾ ھڪ خاص قسم جي ڪشش ھوندي ھئي جنھن سبب ماڻھو سندن کان تمام گهڻو متاثر ٿيندا هئا. پاڻ پنھنجي نوراني نگاھن سان لکين دلين کي ذڪر الاهي سان پاڪ بڻايو. لکين انسانن جي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو. پاڻ تبليغ لاءِ جتي به ويا
اتي سندن کان ڪرامتن جو ظھور ٿيندو ھيو، جنھن سان عوام الناس ۾ سندن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. سندن جي تبليغي ڪوششن جي ڪري ماڻهن کي سڪون ۽ اعتماد عطا ٿيو ۽ ماڻھو ڪثرت سان اسلام قبول ڪندا ويا. سندن جي صحبت بابرڪت سان لکين انسانن کي ھدايت حاصل ٿي. ھڪ روحاني استاد، دانشور ۽ رھنما جي حيثيت ۾ حالات ۽ واقعات تي گھري نظر ھئي. سندن پوري زندگي انسان ذات جي خدمت، فلاح، امن، ترقي، محبت، اخلاص ۽ اللہ وحده لا شريک لہ جي بندگي جي تبليغ لاءِ وقف ھئي. پاڻ عام ماڻھن جي ڏکن پريشانين کي ختم ڪيو ۽ انهن سان محبت پيار جو سلوڪ فرمايو.
سندن جو فڪر، سندن جو پيغام، سندن جي تعليمات جو محور يا مرڪزي نقطو خالق و مالڪ ڪائنات اللہ وحده لا شريک لہ جي سڃاڻ ان جي رضا ۽ قربت جو حصول، نبي ڪريم ﷺ سان نسبت، عشق ۽ محبت، اولياء اللہ صوفياء ڪرام کان تربيت، صحبت ۽ ادب، انسانيت جي خدمت صرف اللہ جي رضا لاءِ آهي. پاڻ ذڪر قلبي جو تحفو دل تي آڱر رکي ڏيندا هئا ان تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو پنج وقت نماز ۽ تھجد گذار بڻجي ويندا ھئا، منھن تي ڏاڙهي مبارڪ ۽ مٿي تي پٽڪو اچي ويندو هو ۽ ڏندڻ ان جو دوست بڻجي ويندو هو.
پاڻ جماعت اصلاح المسلمین پاڪستان، روحاني طلبہ جماعت ۽ جمعيت علماءِ طاھریہ جھڙين عظيم تنظيمن جو بنياد وڌو. جنهن جو مقصد تنظيم جي ذريعي منظم انداز ۾ اسلام جو حقيقي عالمي پيغامِ محبت، امن ۽ سلامتي مخلوق خدا تائين پھچايو وڃي، دلين ۾ عشق مصطفیٰﷺ جا ڏيئا روشن ڪيا وڃن، معاشري جي اصلاح لاءِ ڪم ڪيو وڃي، انسانيت جي فلاح ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
اڄ دنيا ۽ خاص ڪري امت مسلمہ جن مسئلن جي ور چڙهيل آهي ۽ اھا امن جي تلاش ۾ آهي اھا اگر سندن جي ان پيغام تي عمل ڪري جنهن ۾ پاڻ فرمايائون تہ ڪنهن به مذهب يا مسلڪ جي وڏن، بزرگن يا رھنمائن کي ڪڏهن به برو نه چئو اھو ئي اخلاق حسنہ آهي، جنھن جو عظيم درس آقاء دوجھان رحمت للعالمین حضرت محمد مصطفي ﷺ جن ڏنو آهي.
ان تي عمل ڪري دنيا امن محبت جو مرڪز بڻجي ويندي. پاڻ 12 ڊسمبر 1983 تي دنيا فاني کان رحلت فرمائي مالڪ حقيقي جي قرب ۾ پھتا. سندن جي قائم مراڪز جو تعداد 30 ۽ قائم تعليمي مراڪز جو تعداد 14 ھيو.
سندن کان پوءِ جماعت جا قائد ۽ رھبر جي لاءِ خلفاء ڪرام متفقہ طور تي سندن صاحبزادہ، لخت جگر حضرت محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين جن کي چونڊيو. حضرت سھڻا سائين رحمت اللہ علیہ جو عالمي ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويندو آهي. ھن سال به 2 ۽ 3 ڊسمبر 2023 بروز ڇنڇر آچر تي درگاھ اللہ آباد شریف ڪنڊيارو سنڌ ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان سميت دنيا ڀر جي مختلف ملڪن کان لکين مريد عقيدتمند شرڪت ڪندا آهن.
پاڪستان جي تاريخ جو واحد عرس مبارڪ آهي جيڪو رسمي نه ھوندو آھي. عرس مبارڪ جي موقعي تي جتي ممتاز عالم دین درس قرآن، درس حديث، عشق مصطفیٰﷺ، عظمت اھلبيت و صحابہ رضوان اللہ عليھم اجمعین، شان اولياء ڪرام ۽ فقھي مسائل بيان ڪندا آهن
اُتي ممتاز عالم تعليم، صحت، تجارت، برداشت، وڻڪاري، ماحول ۽ روڊ سيفٽي تي ليڪچر ڏيندا آهن. عرس مبارڪ جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪئمپ، ڏکايل انسانيت جي لاءِ ۽ ٿليسميا جي ٻارن لاءِ ريجنل بلڊ سينٽر سکر جو رت عطيو ڪئمپ، فقھي مسائل جي سلسلي ۾ ممتاز علماء ڪرام جو ڪئمپ ۽ ٻيا ڪئمپ موجود ھوندا آھن. سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ ڏھ ھزار کان مٿي سرگرم الخادمين جو چيڪنگ، ريسڪيو ۽ فائر فائيٽنگ جا فرائض سرانجام ڏيندا آهن،
لکين ماڻهو اسٽيج تان بسم اللہ جي صدا تي گڏ ننگر شروع ڪندا آهن، جنھن جو مثال نٿو ملي. خواتين لاءِ مڪمل پردي جو انتظام ھوندو آھي. مريدن ۽ عقيدتمندن پاران ھزارين ختم القرآن، لکن جي تعداد ۾ اوراد وظائف ۽ کربن جي تعداد ۾ درود سلام جو تحفو ايصال ثواب لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي. خواجہ خواجگان حضرت الحاج ﷲ بخش عباسي غفاري نقشبندي المعروف سھڻا سائين رحمت اللہ علیہ جي 40ھين عرس مبارڪ جي پرفيض پر ڪشش آخري نشست 3 ڊسمبر 2023 بروز آچر صبح 10 وڳي منعقد ٿيندي. خصوصي نشست ۾ ختم شريف جي اعلانات، خصوصي رقت انگیز دعا، نعت ۽ منقبت ۽ آخر ۾ خصوصي خطاب دلنواز فخر انسانیت خواجہ محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي جن فرمائيندا. عالمي عرس مبارڪ جون ٻہ روزہ تقريبات دنيا ڀر ۾ الاصلاح نيٽ ورڪ جي ذريعي سڌي ريت ڏيکاريون وينديون آهن.
نومبر 29, 2023