بلاول ڀٽو زرداري ئي اسان جو وزيراعظم بابت اميدوار هوندو: سيد اويس قادر شاھ
روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) پيپلزپارٽي هميشه ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت جي بقا ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي ملڪ جو باشعور عوام پيپلز پارٽيءَ ڏانهن ڏسي رهيو آهي، وقت جي اهم ضرورت آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو وڃي،
اهڙن خيالن جو اظهار پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھ روهڙي جي سينيئر صحافي ابوالڪلام قريشي جي گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪرڻ لاءِ روهڙي جي ٽڪر محلا پهچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو سيد اويس قادر شاھ وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد پارٽي جنهن تازي اليڪشن جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ اليڪشن ۽ عوام ڏي وڃڻ لاءِ جدوجهد ڪئي،
جنھن جي مين وجه اھا ئي آھي پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڏنل قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ئي اسان جو وزيراعظم اميدوار هوندو
۽ اھو ئي ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، بعد ۾ سيد اويس قادر شاھ سينيئر صحافي ابوالڪلام قريشي ۽ سندس پٽ دانيال قريشي سان تعزيت جو اظهار ڪيو، مرحوم جي بلند درجات ۽ مغفرت لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ يونين ڪائونسل پنهور اعظم خان جاگيراڻي، جمشيد احمد قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
نومبر 28, 2023