ٺري ميرواهه: ڳوٺ صوفائي سھتا لڳ ڏيپارجا ۾ مانجھاندي جو اھتمام ڪيو ويو

Spread the love

ٺري ميرواھ تعلقه (رپورٽ: ذيشان علي لنڊ بلوچ  ) سيٺارجا لڳ سماجي شخصيت پاران نمائندا مھراڻ ۽ ٻين دوستن جي مان ۾ اجياڻو تفصيل موجب  سيٺارجا لڳ يوسي ڏيپارجا جي معزز شخصيت ريٽارئرڊ پرنسيپال گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ھنگورجا پروفيسر فيض احمد سھتو پاران پنھنجي بھترين دوستن چيئرمين يوسي ڏيپارجا الھڏنو موجائي ،

شھري اڳواڻ سيٺارجا سينئر صحافي نمائيندا مھراڻ فاروق علي مگڻيجو ،صحافي عبدالمطلب شنباڻي ،ضلع ڪائونسل ميمبر يوسي ڏيپارجا الھڏنو سھتو ،ڪامريڊ شفيع محمد نوحپوٽو ۽ اصغر علي سھتو جي مان ۾ پنهنجي رھائشگاھ ڳوٺ صوفائي سھتا لڳ ڏيپارجا ۾ بھترين مانجھاندي جو اھتمام ڪيو

ان موقعي تي سياسي ،سماجي ،تعليمي ،ادبي ڪچھري سان گڏ کل ڀوڳ ۽ چٽڪلن سان روح کي رونق ۽ منھن تي مرڪون وکيري گڏجاڻي کي يادگار بڻائي ڇڏيو جڏھن ته آيل سڀني معزز مھمانن سائين جي ڏنل قربتن محبتن ۽ خدمت تي شڪريو ادا ڪندي سائين جي صحت تندرستي سلامتي ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعائون پڻ ڪيون.

نومبر 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو