رنبير ڪپور جي فلم اينيمل جو ٽريلر رليز ٿيندي ئي ٿرٿلو مچي ويو
ممبئي (ويب ڊيسڪ) رنبير ڪپور جي نئين فلم ”اينيمل“ جو ٽريلر رليز ٿيندي کي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ايڪشن سان ڀرپور ان ٽريلر ۾ رنبير ڪپور کي نئين انداز ۾ ڏٺو ويو آهي، پر ٽريلر جي آخر ۾ بوبي ديول جي انٽري به ڌم مچائي ڇڏي آهي.
فلم ۾ رنبير ڪپور کي مرڪزي ڪردار جي طور تي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جو واحد مقصد پنهنجي پيءُ (انيل ڪپور) جي محبت سندس حمايت حاصل ڪرڻ آهي.
جڏهن ته ٽريلر ۾ بوبي ديول کي هڪ پراسرار ڪردار ولن جي رول ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
