ايم ڪيو ايم سان صلاح مشورا ٿيندا رھندا آھن، سنڌ جي بهتري لاءِ اسان کي گڏجي هلڻو پوندو: وڏو وزير
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. سينٽ پال هاءِ اسڪول ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون. اسان جي ڪارڪنن جو به اسان مٿان سخت دٻاءُ آهي ته مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ جا ماڻهو آزمائش جو شڪار آهن اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت اسان اسان گڏ آهي جنوري ۾ ڊونرز ڪانفرنس گهرائينداسين. ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان ريليف ۽ ريسڪيو جي مرحلي مان گذري چڪا آهيون پر ائين نه آهي. اسان کي مڪاني چونڊون اهڙي طريقي سان ڪرائڻيون آهن جيئن ڪوبه آڱر نه کڻي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثر جڏهن سخت تڪليف ۾ هئا ته عمران خان چونڊن جون ڳالهيون ڪندو هو هن ٽيلي تهون ۾ جيڪي پئسا جمع ڪيا هئا اهي خبر ناهي ڪيڏانهن ويا. تحريڪ انصاف چيئرمين ٻوڏ متاثرين سان ٽيبل تي ماني کاڌي ۽ واپس روانو ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪيو هو صرف ڪراچي آيو ۽ پيڪيج جو اعلان ڪري واپس روانو ٿي ويو. هن حڪومت ۾ رهندي به ڪجهه نه ڪيو هاڻ ڇا ڪندو. هو هاڻ به ملڪ کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي جيڪڏهن هو پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري. مراد علي شاهه چيو ته سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. عمران خان خلاف آئيني ۽ جمهوري طريقي سان عدم اعتماد جو ووٽ ڏنو ويو. ان وقت به ادارن آئيني حدن ۾ رهڻ چاهيو ٿي. عمران خان پنهنجي ڪارڪردگي ناهي ڏسندو هو صرف سازشن جا الزام لڳائيندو آهي. اهڙا لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن جنهن سان ڳالهيون اڳيان وڌن. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم سان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ملي چڪو آهيان هنن سان صلاح مشورا ٿيندا رهيا آهن سنڌ جي بهتري لاءِ اسان کي گڏجي هلڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪنداسين. هنن ڪابه وزرات يا مراعتون ناهن گهريون هنن کي وفاق ۽ صوبائي حڪومت سان ڪجهه خدشا هئا. آصف زرداري، بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي.
ڊسمبر 4, 2022