هاڻي ملڪي معيشت بچائڻ لازمي آھي

Spread the love

پي ڊي ايم حڪومت اصل ۾ آئي ته عمران خان مان پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ ھئي پر سندس بيانيو هو ته ملڪ ڏيوالو ڪري پيو معيشت بهتر ڪري ملڪ کي بچائجي. آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري موجوده حڪومت عمران خان پاران سيز ڪيل تيل جي قيمتن واري سڳي کي کولي لاڳيتو تيل جون قيمتون وڌائڻ شروع ڪيون ته ملڪ اندر مهانگائي جو جن نه رڳو بوتل مان ٻاهر نڪتو پر عوام جو ساھ ئي نپوڙي ڇڏيائين. آءِ ايم ايف سان جيئن تيئن ڪري معاملا طئي ڪري مفتاح اسماعيل ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو  پر ڊالر جي اڏام تيز کان تيزي سان جاري رهي. ملڪي معيشت نه ئي بهتر ٿي ۽ نه ئي مهانگائي گهٽ ٿي. ڪجھ وقت کان پوءِ پاڪستان جيئن تيئن ڪري ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان به نڪري آيو پر مهانگائي گهٽ نه ٿي ۽ نه ئي معيشت بهتر ٿي. حڪومت پهرين ڏينهن کان عمران خان سان اٽڪيل رهي ۽ عمران خان امپورٽڊ حڪومت جا طعنا ڏيندي ادارن سان اٽڪندو رهيو. عوام ماٺ ڪري مهانگائي جو ظلم سهندو رهيو. 29 نومبر کان پوءِ معاملن ۾ ٿڌاڻ ٿي آھي ۽ ھاڻي عمران خان به حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضپو ڏيکاريو آھي ته پوءِ حڪومت ان موقعي جو فائدو وٺندي ميثاق معيشت واري ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري. عوام حڪومت ۽ اپوزيشن جو سياسي تماشو هاڻي نٿو ڏسڻ چاهي عوام کي هاڻي ريليف جي ضرورت آھي. هاڻي عالمي سيڙپڪاري کي ملڪ اندر آڻڻ جي ضرورت آھي ٻوڏ متاثر علائقن جي ٻيهر بحالي جي ضرورت آھي. اليڪشن کان اڳ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ لازمي هوندو حالتون ساڳيون رهيون ته ان جو فائدو ڪنهن به سياسي پارٽي کي نه پوندو. چئن سالن جا عيب ثواب ضرور عمران خان جي کاتي ۾ ڳڻيا ويندا پر آخري سال جا معاملا پي ڊي ايم جي اڪائونٽ ۾ ئي فٽ ٿيندا.

ڊسمبر 3, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو