آفيسرن سان گڏجي سازش ڪرڻ وقت قائد جو فرمان ياد نه آيو؟: مريم نواز

Spread the love

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کيس آفيسرن سان گڏجي سازش ڪرڻ وقت قائد جو فرمان ياد نه آيو؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيلبيان ۾ هن پي ٽي آءِ چيئرمين جي فوج بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيوته اوهان جي يادگيري 2018ع تائين نٿي وڃي؟ جڏهن ته اوهان ڪجهه آفيسرن سان گڏجي نواز شريف خلاف سازش ڪئي، عوام جي مينڊيٽ تي راتاهو هنيو، آفيسرن کي تڪراري بڻايو ۽ سندن مستقبل کي تباهه ڪيو ؟ هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لکيو ته اوهان جي يادگيري محدود آهي پر ماڻهن جي نه، اوهان اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه آفيسرن سان ڳٺ جوڙ ڪندا آهيو، اهي اوهان کي پاليندا ۽ کارائيندا آهن، هاڻي اوهان انهن کان غير آئيني مداخلت جي خيرات گهري رهيا آهيو ۽ جڏهن ته انڪار ڪيو وڃي ٿو ته اوهان کين غدار قرار ڏيو ٿا. مريم نواز چيو ته ڇا اوهان اعتماد جي کوٽ بابت ڳالهائڻ جو حق رکو ٿا؟ اوهان ماڻهن کي بيوقوف سمجهو ٿا؟

ڊسمبر 1, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو