عمران“گيم” نئين چال، نئون امتحان

Spread the love

ممتاز منگي 

 عمران خان لانگ مارچ جي پڄاڻي پنڊي ۾ ڪندي هڪ اهڙو اعلان ڪندو جنهن ۾ سندس پارٽي جا ڪيترائي اهم عهديدار ۽ ايم پي ايز حيران ٿيندا ۽ انهن جي حيران ٿيڻ کان وڌيڪ اتحادي حڪومت جا سڀئي اتحادي ۽ خاص ڪري ن ليگ حيراني جو جھٽڪو محسوس ڪندي، انهيءَ جي لاءِ انهن به نه سوچيو هو. عمران خان بي اعتمادي جي رٿ يعني حڪومت وڃائڻ کان پوءِ هن وقت تائين جيڪي به چالون هليون آهن يا هن جيڪا به سياسي راند کيڏي آهي اها سڀني جي لاءِ هر وقت ڌمڪي کان وڌيڪ حيرتناڪي رهي آهي يعني هن جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ۾ پنهنجي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان اهڙو ڪجھه ڪرايو جنهن جو پارلياماني سياست جي پوري عالمي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. انهيءَ کان پوءِ مسلسل جنهن انداز سان پوري سياسي حڪمتِ عملي جي راند کيڏندي جيڪي به پتا کيڏيا آهن اهي به هن ملڪ جي اپوزيشن ڪندڙ سياست جي دنيا ۾ ڪافي تعجبي ۽ حيران ڪندڙ رهيا آهن ڀلي ڪير مڃي يا نه مڃي پر هي حقيقت اسان سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين تسليم ڪرڻي پوندي ته هو جنهن طريقي سان ۽ جن جي سهاري 2018ع جي اليڪشن ۾ اقتدار جي ايوان تائين پهتو ۽ پوڻن چئن سالن جي دور ۾ کلي عام “ هڪ پيج ” جو اعتراف ڪندي حڪومت ڪئي، خارجا پاليسي ۾ جيڪي جيڪي ناڪاميون هن جي حصي ۾ آيون اهي الڳ پر هن جي حڪومت جو پورو دور رڳو مهانگائي جو بدترين دور نه رهيو پر بيڊ گورننس يعني اهڙي بري حڪومت جو ناڪام کان ناڪام سياستدان به اهڙو عمل نٿو ڪري سگھي پر هن ڪيو. سي پيڪ جي آڪسيجن لائين کي وڌيڪ مڏو جڏو ڪري ايئن محسوس ڪرايو ته جيئن هن ڪجھه ڪيو ئي ناهي پر اقتدار وڃڻ کان پوءِ هن جيڪا سروائيول ڪئي آهي ۽ ٿورڙن مهينن جي اندر پنهنجي اقتدار جا سڀ گناھه ۽ ڪمزوريون نظر انداز ڪرائيندي پنهنجي حمايتين ۽ پبلڪ کان هڪ وڏي موٽ حاصل ڪري گھڻن ئي تجزيئي نگارن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي.

ن ليگ جي ترجمانن ۽ بيان ڏيندڙ سياسي پنڊتن ان جي تمام سرگرمين جي پويان سگھارن هٿن جي ڪرامت چئي پر اهي سڀ جو سڀ پنڊي جي اعلان کان پوءِ اڃان وڌيڪ حيران ٿي ويا آهن جنهن ۾ عمران خان صوبائي حڪومتن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ اسيمبلين کي تحليل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ جتي پارٽي جي حڪومت ناهي اتان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن هو شديد سياسي دٻاءُ ۾ هجي هن تي قاتلانا حملو ٿيو گولي چمائو ٿي وئي يا گھرو زخم ڏئي وئي ان امڪان کي رد ته ڪوئي نٿو رد ڪري سگھي ته اها گولي ڄنگهھ کان مٿي به لڳي پئي سگھي ان دوران ئي جڏهن آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي تقرري جو وزير اعظم ( گھڻن صلاح مشورن کان پوءِ ) اعلان ڪيو تڏهن هن اهوئي اعلان ڪيو هو ته هو“صدر عارف علوي سان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي کيل کيڏندو ” تڏهن سڀئي شش و پنج ۾ اچي ويا هئا ڇو ته کين اها ڄاڻ هئي ته جيڪڏهن صدر عارف علوي وزير اعظم جي موڪليل سمري تي صحيح ڪرڻ کان ٽال مٽول ٿو ڪري ته پوءِ ٻن کان ٽن هفتن تائين مقرري ۾ هڪ اهڙو خال پئجي ويندو جنهن جو هلڪو هلڪو ڌوڏو سڀني کي ايندو. “ ڪئين ڪجي ۽ ڇا ڪجي ” جو سوال ۽ حڪمت عملي حڪومت ۽ ادارن ۾ گردش ڪندي رهي پر سمري تي صحيح ٿي وئي ليڪن عمران خان جو هي اعلان ته هو پنڊي پهچي سرپرائيز ڏيندو ۽ اهو سرپرائيز هن صوبائي اسيمبلين جي پارٽي چيپٽر کي تحليل ڪرڻ جي لاءِ ۽ استعيفائون ڏيڻ جي لاءِ چيو. يقينن عمران خان هي ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿو ته موجوده صورتحال ۾ اتحادين جا عمل يعني بي اعتمادي جي رٿ هن جو ڪجھه به بگاڙي نٿي سگھي ڇو ته سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي کان پوءِ پنهنجي پارٽي پوزيشن کان هٽي ٻئي کي ووٽ ڏيڻ هاڻي ناممڪن رهيو آهي ڇو ته پنجاب اسميبلي ۾ حمزه شريف جي گيم اهو سڀ  ڪجھه عيان ۽ بيان ڪرائيندي گذري وئي تنهن ڪري هن  پوري اعتماد سان بي اعتمادي جي رٿ کان بي خوف ٿي پنهنجي چال هلي آهي، ها حڪومت وٽ صرف ۽ صرف هڪ ئي رستو آهي ته هو وچ مدي واريون چونڊون ڪرائي ۽ اهي به ڪجھه مهينن جي لاءِ غير يقيني صورتحال ۾ جي نتيجا اتحادين جي خلاف اچن ٿا ته بري شرمناڪي شڪست ۽ جي سادي سودي اڪثريت سان اليڪشن کٽي به وڃن ٿا ته انهيءَ تي ڪيترائي الزام ۽ شڪ پيدا ٿيندا. سڀ کان وڏو مسئلو سياسي عدم استحڪام جي سبب معاشي بحران جو وڌي وڃڻ ٿيندو ،عمران خان جي هن چال کي اتحادي سندس مايوسين ڀري سياسي حڪمتِ عملي سان گڏوگڏ هڪ ري ايڪشن به چون ٿا. توڙي جو عمران خان پاڻ به هي سمجھي ٿو ته هن سان گڏ اشرافيا ڪلاس جنهن جي لاءِ اقتدار مڇي ۽ پاڻي جي مثل آهي اهو اسيمبلين کان ٻاهر اچي، هڪ اهڙي راند شروع ڪري جنهن ۾ هنن جي پويان پٺي ٺپيندڙ هٿ سرد ٿي ويا آهن يا پري هٽي ويا آهن ڏاڍو ڏکيو هوندو ۽ بيڪ فائر به ٿي سگهي ٿو،  عمران خان  اهو سمجھڻ جي باوجود هڪ اهڙي چال ڇو پيو هلي جنهن ۾ حاصلات کان وڌيڪ رسڪ آهي، ڇا هو پنهنجي ان تصور ۽ سوچ ۾ پوري طرح پختو ٿي چڪو آهي ته عوام جي هڪ وڏي طاقت هن سان گڏ آهي تنهن ڪري هن کي شڪست نٿي ملي سگھي، جي ايئن آهي ته پوءِ عمران خان اقتدار کان هٽڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي اهڙي تنقيد جو نشانو ڇو بڻايو جو هو سندس سهڪاري ٿئي ۽ نيوٽرل تي هن کي چڙ ۽ غصو ڇو آيو نه رڳو هي هن جا تمام ساٿي شهباز گل تائين ڇا جي ڪري جذباتي ٿيندي اهڙين حدن تي لهي آيا جنهن جي سزا کين ملي رهي هئي. اميد جڏهن هٽي چڪي آهي ۽ ڪا فيضيابي به نظر نه پئي اچي ته پوءِ عمران خان ڇا اعلان اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جيئن هو سياست ۾ آخري داءُ کيڏيندوهجي. اقتدار کان آجو ٿيڻ کان پوءِ سندس اشرافيا ڪلاس کي اها پوري ڄاڻ آهي ته مستقبل ۾ عمران خان جي حڪومت اچڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن بڻجي چڪو آهي  هو پاپولر ووٽ جي بنيادن تي مڪمل ڪاميابي ماڻي نٿو سگھي، جو هتي برادرين ، فردن ۽ ٻين فيڪٽرن جو چڱو خاصو ووٽ بينڪ آهي. پاڻ جڏهن هي سٽون لکون پيا ته آرمي چيف جنرل باجوه الوداع چوندي رخصت ٿي چڪو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي اداري کي ڇڏيندي هڪ غير سياسي هجڻ جي هدايت ڪندي تمام گھڻي ۽ پيچيدا بحثن کي ڇڏيندي الوداع ڪئي آهي، امڪان غالب اهو آهي ته گھڻي عرصي تائين يعني ڪجهھ سالن تائين “ شايد” مداخلت نه ٿئي. عمران خان اقتداري نااميدي ۾ استعيفائون ڏياري جيڪا راند کيڏي پيو ڇا اها راند هن کي ڪاميابي جي منزل تائين پهچائي سگھندي؟

يقينن انهي جي ها تڏهن ٿي سگھي ٿي جڏهن هن جي پارٽي جي اندر مضبوط سياسي نظريا ۽ جدوجهد جو عزم پارٽي ۾ جرئت هجي ته پوءِ اهو يقيني حد تائين چئي سگھجي ٿو ته قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهندي هو پنهنجي جدوجهد اڳتي وڌائي سگھندو پر جڏهن نظريي جي بجاءِ رڳو تنقيد هجي ۽ اهڙا الزام جنهن ۾ اشرافيا ڪلاس پوري جو پورو غرق ٿيل هجي ته ان صورتحال ۾ صرف ۽ صرف شخصي سحر جو تصور ڪنهن به سياسي پارٽي کي ڪامياب نٿو ڪري سگھي. هن ملڪ جي صرف ليڊرشپ يعني شخصي ليڊرشپ پس پردا طاقتن کان سواءِ پنهنجو ڌاڪو ويهاري نٿي سگھي. مون کي هي نظر پيو اچي ته استعيفائن کان پوءِ يا ٻه صوبائي اسميبلين کان پوءِ ( جنهن جو امڪان ڪافي حد تائين گھٽ آهي ) سندس پارٽي جي هڪ چڱو خاصو تعداد هن تي اها تنقيد ڪندو ته هن جيڪو به فيصلو ڪيو آهي اهو هنن جي مرضي جي خلاف يا هنن کان  پڇا ڪرڻ کان سواءِ ڪيو ويو آهي. عمران خان ڀلي پارٽي جي عهديدارن کان ۽ پارلياماني ليڊرن کان صلاح مشورا ڪري ان جي اهميت ڪهڙي رهندي جڏهن هن پهريان  اعلان ڪري ڇڏيو.عمران خان کي هاڻي وڌيڪ ان پهلو تي سوچڻو پوندو ته هن غير مددي حمايت جي دور ۾ ڪهڙي حڪمتِ عملي اختيار ڪجي ڀلي سندس جلسا جلوس يا لانگ مارچ هن جي سياسي تحرڪ لاءِ ضروري هئا پر اقتدار کان ٻاهر اشرافيا ڪلاس کي رکڻ نه رڳو ڏکيو پر تمام گھڻو رسڪي فيصلو آهي جنهن ۾ ڪاميابي جو امڪان تمام گھڻو گھٽ نظر ٿو اچي، ۽ هڪ اهڙي حڪمتِ عملي هو اختيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ پنهنجي موجود پوزيشن به برقرار نه رکي سگھي، انهيءَ ڪري ته هن پارٽي جي اندر ووٽ بينڪ جي پوري طاقت پنهنجي پاپولر شخصيت سان گڏ اڌ تي اڌ ان اشرافيا ڪلاس سان جوڙي آهي جيڪو جدوجهد کان ڪيٻائيندو ۽ پري ڀڄندو آهي.

ڊسمبر 1, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو