شادي لاءِ شريف مڙس ڳوليو: غنيٰ علي جي ڇوڪرين کي صلاح

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا غنيٰ علي نارين کي صلاح ڏني آهي ته هو شادي لا3 شريف مرد ڳولين، پيسو ته اچي ويندو آهي، زندگي ۾ سڪون اهم شئي آهي.

هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته سندس مڙس نجي ڪمپني ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي ۽ وچولي گهراڻي سان واسطو رکي ٿو.

هن چيو ته شادي جي موقعي تي ماڻهن چيو هو ته مان پيسن لاءِ شادي ڪئي آهي ۽ مڙس کي اڳوڻي زال کان طلاق ڏياري آهي، مان لالچڻ آهيان پر اصل ۾ منهنجو مڙس اڳ ئي طلاق ڏئي چڪو هو ۽ هو مالدار شخص ناهي.

نومبر 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو