اسلام آباد انتظاميه تحريڪ انصاف کي فيض آباد وٽ ڌرڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي، راڄڌاني واري شهر جا رستا سيل

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي فيض آباد وٽ ڌرڻي جي اجازت ملي وئي، جڏهن ته راڄڌاني واري شهر جي ڪيترن ئي رستن کي سيل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف کي فيض آباد ويجهو ڌرڻي جي اجازت بابت راولپنڊي انتظاميه 56 نڪتن تي ٻڌل اجازت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته برطانيه جي ڪرڪيٽ ٽيم کيڏڻ جي لاءِ راولپنڊي پهچي رهي آهي ان ڪري جلسا ڪرڻ کان پوءِ جڳهه کي مڪمل طور تي خالي ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ راولپنڊي پوليس کي جلسي جي لاءِ سمورا ضروي سيڪيورٽي قدم کڻڻ جا به حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ ئي وضاحت ڪئي وئي آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين اسلام آباد انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان طئي ٿيل رستا استعمال ڪندو. عمران خان جلسي کان اڳ ۽ جلسي کان پوءِ سن روف واري گاڏي به استعمال نه ڪندو. اجازت نامي ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته علامه اقبال پارڪ کي ڪارڪنن جي بيهڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو ۽ پروگرام کان پوءِ رستن کي خالي ڪيو ويندو. جلسي ۽ ڌرڻي دوران رياست مخالف نعريبازي جي اجازت نه هوندي. ٽريفڪ پوليس طرفان جاري ڪيل ٽريفڪ پلان تي مڪمل طور تي عمل يقيني بنايو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي يا جاني نقصان جي ذميوار جلسي جي انتظاميه هوندي. جلسي ۽ ڌرڻي ۾ ڊرون ڪيمرا جي استعمال جي اجازت نه هوندي ۽ شرطن ضابطن جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد انتظاميه اجازت نامي جون ڪاپيون سمورن لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيون وينديون. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي جلسي ۽ ڌرڻي کي نظر ۾ رکندي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي کي جوڙيندڙ هنڌ فيض آباد فلائي اوور کي چئني طرفن کان مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي جنهن سبب فيض آباد کان اسلام آباد ويندڙ ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته بند ڪيل رستن تي بدترين ٽريفڪ جام ۾ ڦاٿل گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.

نومبر 26, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو