جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين مقرر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪيو ويندو. آرمي چيف جي مقرري تي مشاورت جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب، دفاع واري وزير خواجه آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُالله، شيري رحمان، عون چوڌري، چوڌري سالڪ حسين، امين الحق، شاهه زين بگٽي، مولانا اسد محمود ۽ رياض پيرزادي شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئٽ ڪندي ٻڌايوته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ليفيٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ان بابت سمري صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي وئي آهي.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ري ٽين ڪرڻ جي سمري پڙهي ٻڌائي جيڪا ڪابينا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت ڪنهن آفيسر جي رٽائرمينٽ جو وقت ايندو آهي ته بچاءَ واري وزارت۾ هڪ پرميشن جي درخواست ايندي آهي اهڙي نموني عاصم منير به بچاءَ واري وزارت ۾ رٽائرمينٽ جي پرميشن جي درخواست ڏني جيڪا رد ڪئي وئي ۽ کيس ري ٽين ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو . پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ اهو قانون موجود آهي ته ڪنهن به آفيسر کي ري ٽين ڪري سگهجي، انڪري بچاءَ واري وزارت حفاظتي انتظامن تحت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جي ري ٽين واري سمري ٺاهي ته جيئن صدر طرفان سمري روڪڻ جي صورت ۾ عاصم منير 27 هين نومبر تي رٽائر نه ٿيندو ۽ اهو عمل قانوني طور بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي وزيراعظم جي سمري هاڻ عمران خان جو امتحان آهي. هو هاڻ ملڪ جي اهم اداري کي مضبوط بنائڻ چاهي ٿو يا تڪراري. دفاع واري وزير خواجه آصف اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اهم مقررين بابت سمري صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي وئي آهي. هن چيو ته قانون ۽ آئين جي تحت سمورا معاملا طئي ٿي ويندا ۽ آئيني اداري کي تڪراري نٿا بنائڻ چاهيون. آرمي چيف جي مقرري بابت مان وڌيڪ ڪي به تفصيل ٻڌائي نٿو سگهان. ان معاملي بابت سمري وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪئي وئي آهي. قانون ۽ آئين موجب سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. اسان کي اميد آهي صدر عارف علوي ڪوبه تڪرار پيدا نه ڪندو. خواجه آصف چيو ته هن معاملن کي سياسي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي. آرمي چيف جي مقرري بابت وزيراعظم جي سمري کي قانون ۽ آئين موجب ڏسڻ گهرجي. صدر عارف علوي اهو فيصلو سياسي ايڊوائس تحت نه ڪري. ٻئي پاسي صدر عارف علوي اهم مقررين بابت سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين بڻجي ويو. واضح رهي ته آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقرري جي سمري اڄ ايوان صدر کي وصول ٿي هئي، جنهن کانپوءِ صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد موٽي ويو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي منظوري ڏني. صدر طرفان سمري منظور ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جي اڄ ئي وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقات ٿيندي، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين به صدر ۽ وزيراعظم سان ملندو.

نومبر 25, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو