صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جو قيام

Spread the love

سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ پاس ڪيل قانون کي لاڳو ڪندي جسٽس ريٽائرڊ رشيد اي رضوي جي سربراھي ۾ ڪميشن جوڙي ڇڏي آھي. اطلاعات کاتي طرفان 14 رڪني ڪميشن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿي چڪو آھي. ڪميشن ۾ اطلاعات، گهرو، قانون ۽ انساني حقن واري کاتي جا سيڪريٽريز سميت پي ايف يو جي،  اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، سنڌ بار ڪائونسل، ايڇ آر سي پي، اي پي اين اي سي ٻن عورت ايم پي ايز کي ميمبر مقرر ڪيو آھي.
ڪميشن جي جوڙجڪ قانون ۾ ڄاڻايل عين طريقيڪار موجب ڪئي وئي آھي پر ان هوندي به ڪجھ شين جي وضاحت ٿيڻ تمام ضروري آھي. ان کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت جي ان عمل جي واکاڻ لازمي ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ جي حوالي سان وڏي عرصي کان اعلان ڪندي پئي آئي ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن ان بل جي تياري ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ وٺي بل تيار ڪري حڪومت حوالي ڪيو، سنڌ حڪومت سنجيدگي سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته گذريل ڪجھ سالن ۾ مختلف قسمن جي قانونسازي ڪرڻ ۾ سنڌ اسيمبلي تمام گهڻو اڳرو رهي آھي. عملدرآمد ۾ ڪجھ رڪاوٽون ۽ عدم دلچسپي سبب کوڙ سارا قانون عوام کي لاڀ نه ڏئي سگهيا آھن پر ان هوندي به قانون جو ٺھڻ به هڪ سٺو ۽ بهتر قدم هجي ٿو.

سنڌ سرڪار صحافين جي تحفظ لاءِ ايڪٽ لاڳو ڪري عملدرآمد به شروع ڪري ڇڏيو آھي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت سان ان بابت سنجيدگي جو مظاھرو ڪري رهي آھي. اصل ڪم ته هاڻي شروع ٿيندو ته ڪميشن ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري سنڌ اندر صحافين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ ڪيتري ديانتداري ۽ مخلصي ڏيکاري ٿي. ڪميشن مڪمل طور بااختيار هوندي ۽ ڪميشن کي شڪايت داخل ٿيڻ جي ٻن هفتن اندر ريسپانس ڪرڻو هوندو . سڀ کان اهم ڳالھ اها آھي ته ڪميشن جو سربراھ ازخود نوٽيس وٺڻ جو اختيار به رکي ٿو جيڪو صحافين کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو.

ڪميشن جي جوڙجڪ عين ايڪٽ موجب ٿيڻ سٺو سنئوڻ ضرور آھي پر ڪجھ ابھام هجڻ ڪري سوال جنم وٺي رهيا آھن. غيرسرڪاري ميمبرن جي مقرري بابت ايڪٽ ۾ ھڪ ڳالھ ڪئي وئي آھي ته پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، ايڇ آر سي پي، سنڌ بار ڪائونسل ۽ اي پي اين اي سي جا جيڪي به نمائنده ڪميشن ۾ ميمبر کنيا ويندا هنن جي نامزدگي لاڳاپيل فورم ڪندو، سرڪار طرفان ڪنهن کي بنا نامزدگي جي ميمبر مقرر ڪرڻ جو اختيار ناهي تنهن ڪري اهو لازمي واضح ٿيڻ کپي ته سمورن ميمبرن جي نامزدگي لاڳاپيل فورمن طرفان ٿيل آھي. سنڌ ۾ صحافين ٻن طرفن کان عدم تحفظ جو شڪار آھن هڪ ته سماج جي مختلف عنصرن طرفان صحافي هر وقت عدم تحفظ جو شڪار رهي ٿو ۽ ٻيو خطرو اندروني آھي جيڪو صحافي کي سندس ئي اداري منجهان هوندو آھي، نوڪري پڪي نه هجڻ هر وقت نوڪري مان فارغ ٿيڻ جو خوف ۽ پگهارون وقت سر نه ملڻ سميت ٻيا کوڙ مسئلا آھن جيڪي مالڪن طرفان ورڪرز جي سامهون تلوار وانگر لٽڪيل هجن ٿا. موجوده ڪميشن ۾ ميڊيا هائوسز جا مالڪ اڪثريت ۾ موجود آھي تنهن ڪري ڪميشن جي ڪارگر هجڻ تي سوال اڀري رهيا آھن. سنڌ جي صحافين جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي ميمبرن ۾ ھڪ به سنڌي صحافي موجود ئي ناهي.

وقت گذرڻ سان گڏ اهڙن سوالن جا جواب ملندا ويندا پر ان باوجود سنڌ حڪومت صحافين جي پراڻي مطالبي تي عمل ڪري تمام بهتر ڪم ڪيو آھي. اسان پراميد آھيون ته ڪميشن حقيقي صحافين جي حقن ۽ تحفظ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

نومبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو