روهڙي: پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي وفد پاران پريس ڪلب جي صدر مجاھد بوزدار سان تعزيت جو اظهار

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جي وفد جي روھڙي پريس ڪلب جي صدر مجاھد بوزدار سان سندس سس جي وفات تي پريس ڪلب روھڙي پهچي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي مغفرت لاء دعا ڪئي

 روھڙي پريس ڪلب جي صدر مجاھد بوزدار جي سس جي وفات تي پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جو وفد روھڙي پريس ڪلب پهچي ساڻ تعزيت ڪندي ڏک جو اظھار ڪيو آھي

جڏهن ته وفد ۾ پاڪستان ميڊيا ڪونسل سنڌ جو جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر، ضلع صدر فضل الرحمن ڀٽو، جوائنٽ سيڪريٽري عمران مغل، تنظيم پاڪستاني جو رھنماء ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، ان موقعي تي قمرالدين ميراڻي، محمد عثمان گھنڃو به شامل ھئا

ان موقعي تي وفد مجاھد بوزدار سان تعزيت ڪندي چيو ته ھن ڏک جي گھڙي ۾ اسان اوھان سان برابر جا شريڪ آھيون ھنن چيو ته ھي دنيان اسان سڀني لاءِ عارضي ٺڪاڻو آھي اصل دنيان ته اسان جي آخرت آھي ڇو ته موت بر ھڪ آھي ۽ اسان سڀني کي ھڪ ڏينھن پنھنجي حقيقي رب ڏي ھلڻون آھي

 ان جي لاءِ اسان سڀني مسلمانن کي گھرجي ته اسان پنھنجي آخرت جي تياري ڪرڻ لاءِ پنھنجي رب حقيقي جي ڏنل حڪمن مطابق زندگي گزاريون ۽ پنھنجي رب کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ان موقعي تي وفد مرحومه جي مغفرت لاء فاتحه خواني ڪئي ۽ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ جن خصوصي دعا فرمائي.

آڪٽوبر 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو