اسرائيل سوشل ميڊيا پوسٽ تي فسلطيني فنڪارا کي گرفتار ڪري ورتو
غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزا ۾ ٿيل حملن تي متاثر سان يڪجهتي جي پوسٽ لڳائڻ تي فلسطيني فنڪارا دلال ابو آمنه کي گرفتار ڪري ورتو.دلال ابو آمنه جي وڪيل عبير بڪرڪي موجب دلال ابو آمنه جي مئنيجمينٽ اسٽاف طرفان گذريل هفتي ”الله کانسواءِ ڪو به غالب ناهي“ جي پوسٽ لڳائي وئي هئي.فلسطيني فنڪارا جي گرفتاري سومر جي ڏينهن ٿي ۽ مٿس الزام لڳايو ويو آهي ته هن سوشل ميڊيا تي غزا جنگ بابت اعتراض جوڳو مواد پوسٽ ڪيو آهي.
آڪٽوبر 17, 2023