عمران خان مٿان حملو، حالتون ڪيڏانهن پيون وڃن؟

Spread the love

اڳوڻي وزيراعظم ۽ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جو حقيقي آزادي مارچ لاهور کان اسلام آباد لاءِ نڪتل آھي گذريل ڏينهن عمران خان جو قافلو پنجاب جي شھر وزيرآباد ويجهو پهتو ته اوچتو فائرنگ شروع ٿي وئي، فائرنگ ڪندڙ ڪنٽينر جي طرف فائر ڪري رهيو هو جنهن مان پڪ ٿي وڃي ٿي ته حملي آور جو نشانو عمران خان ئي هو.  فائرنگ جي نتيجي ۾ عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد سميت ست ڄڻن کان وڌيڪ زخمي ٿيا ۽ ھڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، عمران خان کي فوري طور لاهور علاج لاءِ آندو ويو جتي سندس طبيعت بهتر ٻڌائي پئي وڃي جڏھن ته حملي آور کي موقعي تي ئي ماڻھن پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. عمران خان تي حملي جي خبر جهنگ جي باھ جيان پکڙجي وئي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، ڪيترن ئي شھرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا جڏھن ته پشاور ۾ انتهائي پرتشدد احتجاج ڪيو ويو ۽ اهم ادارن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو. گرفتار حملي آور ڪير آھي ۽ ھن اهڙي واردات ڇو ڪئي آھي؟ اهي سوال ميڊيا ۽ عام عوام جي وات تي هئا ته ڪجھ ئي دير ۾ ٿاڻي مان گرفتار ڪيل حملي آور جو وڊيو بيان سامهون اچي ٿو وڃي. وڊيو بيان ۾ حملي آور پوليس کي ٻڌائي ٿو ته سندس مقصد صرف ۽ صرف عمران خان کي قتل ڪرڻ ھو ڇو ته عمران خان عوام کي گمراھ ڪري پيو ۽ جنهن وقت اذان هلندي آھي ان وقت به ڪنٽينر تان لائوڊاسپيڪر بند ناهي ٿيندو. حملي آور جي وڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اچرج سان گڏوگڏ اهي سوال به ذھن ۾ آيا ته پوليس کي آخر ڪهڙي تڪڙ ھئي جو واقعي جي فوري بعد حملي آور کي منظرعام تي آڻي سندس بيان عوام آڏو آندو ويو. عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اسد عمر ميڊيا کي ٻڌايو ته عمران خان چيو آھي ته مٿس ٽن ڄڻن حملو ڪرايو آھي. مٿس حملي ۾ وزيراعظم شھباز شريف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ھڪ فوجي آفيسر ملوث آھي ٻئي طرف عمران اسماعيل دعويٰ ڪئي آھي ته عمران خان چئن ماڻھن جا نالا کڻي پنهنجو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاھي حملي آور جي وڊيو بيان ليڪ ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻئي عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف راڻا ثناءُ الله جي آءِ ٽي جوڙي اعليٰ سطحي جاچ جي ڳالھ ڪئي آھي. هن سڄي معاملي تي ڪجھ سوال ضرور اڀرن ٿا ته ايڏو وڏو سيڪورٽي ليپس ڪيئن ٿيو؟ پنجاب ۾ عمران خان ۽ سندس اتحادي ق ليگ جي حڪومت آھي پر پوءِ به سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام ڇو ڪيا ويا؟ پوليس  حملي آور جي وڊيو رڪارڊ ڪري اها ليڪ ڇو ڪئي؟ هڪ شخص سخت سيڪورٽي باوجود ھٿيار سميت ڪنٽينر جي ويجهو تائين ڪيئن پهتو؟ حملي جو ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪار ڪير آھن؟ هنن سوالن جا جواب ن ليگ نه پر پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي اتحادي حڪومت کي ڳولهڻا آھن. پنجاب حڪومت جي ذميواري هئي ته هو لانگ مارچ کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻي هئي ته پوءِ ايڏي غفلت ڪيئن ٿي؟ هڪ طرف ته هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اوترو گهٽ آھي پر ساڳئي وقت وفاقي حڪومت ۽ خاص طور فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڪجھ به ٿيڻ جو خطرو موجود هو ته پوءِ معاملن کي ايترو سادو ڇو ورتو ويو. عمران خان لانگ مارچ ۾ مسلسل ادارن مٿان تنقيد ڪندو پيو اچي ۽ سنگين الزام به لڳائي پيو اهڙي واقعي جي آءِ ايس پي آر به مذمت ڪئي آھي. هن واقعي جي اعليٰ سطحي صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته حملي جا الزام وفاقي حڪومت جي اهم فردن ۽ خاص ادارن مٿان لڳي رهيا آھن. باقي هن حملي کانپوءِ عوام ۾ عمران خان همدرديون وڌنديون ۽ سندس پوزيشن وڌيڪ بهتر ٿيندي جڏھن ته لانگ مارچ جو مومينٽم به تيز ٿيندو پر ان هوندي به عمران خان کي لانگ مارچ بابت سياسي ڏاهپ ۽ دورانديشي سان فيصلو ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ اصل ميدان ته اڳتي آھي. ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاج جيڪڏھن شدت طرف ويو ته ملڪي حالتون تمام گهڻو خراب ٿي سگهن ٿيون ۽ شايد معاملا ضابطن مان به نڪري سگهن ٿا. عمران خان ۽ سندس ٽيم کي تحمل سان فيصلا ڪرڻا پوندا ڇو ته جيڪڏھن خراب حالتن جو جواز ڄاڻائي ڪو به غيرآئيني فيصلو ٿي ويو ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان به تحريڪ انصاف کي ٿيندو. هاڻي وزيراعظم شھباز شريف به ملڪ جي اهم ۽ وڏي مقرري وقت کان گهڻو اڳ به ڪري سگهي ٿو يا وري ڳالھ گهڻي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڪٿي ميري عزيز هم وطنو نه ٿي وڃي. اهڙي ڪنهن قدم جي آئين ۾ ڪا گنجائش ته موجود ناهي پر ملڪ جي سلامتي ۽ رياست جي بقا جي نالي تي هر عمل ۽ ھر قدم جائز هجي ٿو.

نومبر 4, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو