”شوٽنگ دوران فاطمه ثنا شيخ کي مرگيءَ جو دورو پئجي ويو“

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته شوٽنگ دوران فاطمه ثنا شيخ کي مرگيءَ جو دورو پئجي ويو هو.
ديا مرزا پنهنجي نئين فلم ”ڌڪ ڌڪ“ جي رليز جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ان سان گڏ فاطمه ثنا شيخ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي.
ڀارتي ميڊيا سان گفتگو ڪندي ديا مرزا انڪشاف ڪيو ته سيٽ تي هڪ مصروف ڏينهن جي موقعي تي فاطمه کي مرگيءَ جو دورو پئجي ويو هو.
هن چيو ته سفر دوران آڪسيجن جي کوٽ هئي ۽ روٽ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو، جنهن سبب اها صورتحال پيدا ٿي پر فاطمه ڪجهه دير ۾ نارمل ٿي وئي هئي.
سندس چوڻ هو ته ان موقعي تي فلم جي عملي گهڻي مدد ڪئي ۽ ائين سدائين ٿيندو آهي ته سيٽ تي موجود ماڻهو هڪٻئي کي سنڀاليندا آهن.

آڪٽوبر 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو