روينا ٽنڊن جوانيءَ ۾ ڪهڙي اداڪار سان پيار ڪيو؟ وڏو راز فاش ڪري ڇڏيائين

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا روينا ٽنڊن اعتراف ڪيو آهي ته مان پنهنجي جواني ۾ اداڪار رشي ڪپور کي پسند ڪندي هيس ۽ جڏهن ان جي شادي ٿي ته ڏاڍو ڏُک ٿيو هو.تازي انٽرويو ۾ روينا ٽنڊن چيو ته مان رشي ڪپور ۽ نيتو سنگهه جي شادي ۾ شرڪت ڪئي هئي، ان موقعي تي ڏاڍو ڏک ٿيو پر خوشي به ٿي هئي ته رشي ڪپور، نيتو سان شادي ڪئي، اها مون لاءِ ڏاڍي سٺي ڳالهه هئي، ڇو ته ٻنهي کي جوڙي طور ڏاڍو پسند ڪندي هيس.هن ٻڌايو ته مان رشي ڪپور سان گڏ هڪ فلم ۾ ڪم ڪيو ۽ کيس انڪل چئي سڏيو ته هو کِليو، ڇو ته فلم ۾ مون کي کيس ائين چوڻ تي مجبور ڪيو ويو.

سيپٽمبر 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو