شاهه رخ خان طرفان عيد ميلاد النبي صه جون واڌايون

Spread the love

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مسلمانن کي عيد ميلاد النبي صه جون واڌايون ڏنيون آهن.پاڪستان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ 12 ربيع الاول جي شروعات ٿي وئي، عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ محفلن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.

ان حوالي سان بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان ايڪس تي هڪ پوسٽ لکي، جنهن ۾ هن چيو ته اچو هن ڏينهن هڪٻئي سان مهرباني، همدردي ۽ نيڪ هجڻ خوبين جو جشن ملهايون.

هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي عيد ميلاد النبي صه جون خوشيون مبارڪ، هر هڪ کي، جنهن سان توهان ملندا آهيو ڀاڪر پايو.

سيپٽمبر 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو