انيسا شيخ جي اها وڊيو جنهن تي ايوارڊ مليس ۽ پاڪستان ۾ تنقيد

Spread the love

دنيا جي سڀ کان وڏي حسن جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اها خوبصورت حسينا ڪير آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني ماڊل مس گرينڊ انٽرنيشنل جو مقابلو کٽڻ لاءِ ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪندي نظر اچي رهي آهي. ان ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ هن ڪاري ۽ سائي رنگ جو حسين لباس پهريو هو.ان ڇوڪري جو نالو انيسا شيخ آهي جيڪا سال 2022ع ۾ مس گرينڊ پاڪستان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي جنهن کان پوءِ هن انڊونيشنيا ۾ رٿيل مس گرينڊ انٽرنيشنل جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

انيسا اهو مقابلو کٽڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي. ائين برازيلين ماڊل ازابيلا مينن اهو مقابلو کٽي وئي هئي.وڌيڪ اهو ته انيسا شيخ پيشي جي اعتبار سان هڪ پروفيشنل ماڊل، گلوڪارا ۽ گيت لکندڙ مشهور شخصيت آهي.ان کانسواءِ جڏهن کان اها پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا جي زينت بڻي آهي تڏهن کان ئي پاڪستاني قوم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آهي.

سيپٽمبر 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو